سول اسپتال جي پرچي ڪلارڪ کي ڪٽڪو

خيرپور(ڊر) سول اسپتال ۾ پرچي دير تان ملڻ ڪري مريض جي وارثن پرچي ڪٽيندڙ ملازم کي ڪٽڪو ڏئي فرار ٿي ويا. پرچي ڪلارڪ ضمير حسين سولنگي کي 8 کان وڌيڪ رند برادري جي ماڻهن سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ سول اسپتال خيرپور جي ملازمن ٻڌايو ته رند برادري جي مريض جو وارث پرچي لاءِ لائين ۾ بيٺو هو ته دير ٿيڻ ڪري هو ڌمڪي ڏئي واپس ويو. اڄ ٻئي ڏينهن تي 8 کان وڌيڪ رند برادري جا هٿياربند آيا ۽ ضمير حسين سولنگي مٿان سخت تشدد ڪري فرار ٿي ويا. واقعي خلاف سول اسپتال جي ملازمن ايس ايس پي خيرپور، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته تشدد ڪندڙ رند برادري جي ماڻهن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو