سهيل انور سيال جي لاڙڪاڻي واري گهر تي نيب جو ڇاپو

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) نيب سکر جي ٽيم صوبائي وزير سهيل انور سيال جي گهر تي ڇاپو هڻي تلاشي دوران اهم دستاويز ملڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڇاپي دوران سهيل انور سيال جو ڀاءُ گهر ۾ موجود هو جڏهن ته صوبائي وزير برسات جي ڊيوٽي جي سلسلي ۾ ميرپور خاص ويل هو.

NAB raid on Siyal House Larkano

سهيل انور ميڊيا کي ٻڌايو ته نيب ڇاپو هڻي زيادتي ڪئي آهي. جڏهن به نيب جاچ لاءِ گهرايو آهي ته هو پيش ٿيندو رهيو آهي. هن چيو ته جنهن گهر تي ڇاپو لڳو آهي اهو سندس والد جي نالي هو جيڪو نيب جي انڪوائري کان 6 مهينا اڳ فوت ٿي ويو هو. جنهن بعد نيب وارا چون ٿا ته هي اوهانجي بي نامي پراپرٽي آهي اوهان اثاثن ۾ ظاهر ناهي ڪئي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته هي منهنجي والد جي نالي گهر هو جيڪو والد صاحب جي ايف بي آر ۾ جمع ڪرايل گوشوارن ۾ ڊڪليئر ٿيل آهي. نيب جو چوڻ آهي ته فريد آباد وارو سيال هائوس 4 ايڪڙن تي قائم آهي ۽ ان جو هڪ حصو سرڪاري زمين تي اڏيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو