سنگل ونڊو سبسڪرپشن سبب ايڪسپورٽ وڌندا، ياور نواز

ڪراچي(پ ر) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان پاران پاڪستان سنگل ونڊو سبسڪرپشن، اي فارم ۽ آءِ فارم جي خاتمي ۽ تمباڪو ايڪسپورٽرز لاءِ ايڪسپورٽ سنگل ڊيڪليئريشن جي رول آئوٽ بابت هڪ ويبينار منعقد ڪيو ويو.  ان موقعي تي ايڊيشنل ڪليڪٽر ڪسٽم ياور نواز تمباڪو جي برآمد ڪندڙن جي سوالن جا جواب ڏنا. هن چيو ته پاڪستان سنگل ونڊو ذريعي ايڪسپورٽ جي طريقيڪار جي موجوده نظام کي آسان ڪيو پيو وڃي ۽ اختيارين کي اميد آهي ته طريقيڪار وڌيڪ آسان ٿي ويندو ۽ ان سان پاڪستان جي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو