سنگت کي ذاتي انائن سبب ڌڙي بندي کان بچايو، اديب

خانواهڻ(ن س)سنڌي ادبي سنگت شاخ خانواهڻ جي ماهوار دستوري گڏجاڻي حيدرآباد کان ڪَھي آيل سينئر شاعر،اديب،ڪهاڻيڪار پبلشر ۽ ڪمپيئرگل ڪونڌر جي صدارت ۾ ٿي، گڏجاڻيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز جي ٻن ڌڙن ۾ هلندڙ موجوده ڇڪتاڻ واري صورتحال ۽ مرڪزي اليڪشن بابت غور ويچار ڪيو ويو ۽ ٻنهي ڌڙن کي پنهنجي ذاتي انائون پاسي ڪري سنگت جا معاملا سلجهائڻ جو زور ڀريو ويو،گڏجاڻي ۾ تخليقارن عاجز امتياز نوح پوٽو غزل،سرمد عباسي مقالو،عزيز ڀنڊ غزل،غفور سحر غزل،نديم انڙ نظم،مسرور الطاف نوح پوٽو وائي،شوق خانوھڻيءَ غزل پيش ڪيا، شاعرن جي شاعري تي اصلاحي راءِ ڏيندي ۽ صدارتي خطاب ڪندي گل ڪونڌر چيو ته خانواهڻ شاخ جي هميشه تمام  بهترين ڪارڪردگي رهي آهي، مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو خانواهڻ شاخ جا دوست شاخ جي انهيءَ معيار کي برقرار رکيون پيا اچن ۽ اهڙي ادبي ڪم ڪرڻ تي مان کين مبارڪون پيش ڪيان ٿو.ان کان علاوه ساس شاخ خانواهڻ جي سيڪريٽري پروفيسر ذوالفقار علي جلباڻي،ڪامران سهتو،ظفر سومرو ۽ ٻين پنهنجا ويچار ونڊيا،گڏجاڻي۾ صحافي پرويز حسين ڀنڊ، سفير ساجد خشڪ، وفا عنايت ڪونڌر، سجاد احمد نوح پوٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو