سنڌ ۾ 8 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا مريض فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ اڄ وڌيڪ 298ڪورونا وائرس جا نوان ڪيس ظاهر ٿيا ۽ 24 ڪلاڪن ۾ 8مريض فوت ٿي ويا، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت جاري بيان ۾ چيو آهي ته گذريل 24ڪلاڪن دوران9754 سيمپلز ورتا ويا، 298 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي،

اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 369 مريض صحتياب ٿي گهر روانا ٿيا، وڌيڪ 8 مريض فوت ٿيڻ بعد ڪورونا وگهي فوت ٿيلن جو انگ 2531ٿي ويو آهي ۽ سنڌ ۾ ڊيٿ ريٽ 1.8 سيڪڙو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو