سنڌ ۾ 30 آگسٽ کان مشروط اسڪول کولڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) اسڪول ايجوڪيشن کاتي پاران 30 آگسٽ تي 50 سيڪڙو حاضري سان ويڪسينيٽڊ اسڪول کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان اسڪول ايجوڪيشن کاتي پاران قائم ڪيل ورڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خانگي اسڪولن جي ايسوسيئيشنز سميت 7 ميمبرن پاران شرڪت ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ويڪسينيشن صورتحال تي پڻ غور ڪيو ويو، اهڙي اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته 50 سيڪڙو حاضري سان 30 آگسٽ تي سرڪاري ۽ غيرسرڪاري اسڪول کوليا ويندا. جنهن بعد تعليم کاتي جي اختيارين پاران اسڪول کولڻ بابت نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو ته هفتي ۾ 6 ڏينهن تائين اسڪول کليل رهندا، هر شاگرد هفتي ۾ رڳو 3 ڏينهن اسڪول ۾ ڪلاس اٽينڊ ڪري سگھندو. جڏهن ته خانگي اسڪولن جي انتظاميا کي پابند بڻايو ويو ته استادن ۽ اسٽاف جي 100 سيڪڙو ويڪسينيشن 30 آگسٽ کان اڳ مڪمل ڪئي وڃي. شاگردن کي والدين کي به پابند بڻايو ويو آهي ته هُو پنهنجا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ ايميل ذريعي 30 آگسٽ کان اڳ اماڻي ڇڏين، جيئن سندن ٻارڙن کي اسڪول ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي سگھجي.

پهنجو تبصرو موڪليو