سنڌ ۾ 3 ڏينهن لاءِ سي اين جي اسٽيشن بند ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سوئيسدرن گيس ڪمپني گهٽ پريشر جو سبب ڄاڻائيندي سصنڌ ۾ ٽن ڏينهن لاءِ سي اين جي اسٽيشن بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڄ جمعي تي صبح 8 وڳي کان گيس بند ڪئي وئي جيڪا سومر تي صبح جو 8 وڳي کلندي. سنڌ ۾ اڄا سيارو ناهي آيو ۽ نه ئي گيس جي طلب وڌي آهي پر ملڪ جي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ گيس پيدا ڪندڙ صوبي سي اين جي بند ڪري ڇڏي آهي. پنجاب جيڪو وڏو صارف آهي تنهن اهڙو اعلان ناهي ڪيو. ياد رهي ته سنڌ ۽ بلوچستان کي گيس سپلاءِ سوئي سدرن ڪندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو