سنڌ ۾ 15 آڪٽوبر کان ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سرڪاري ڪڻڪ جاري ڪرڻ واري معاملي تي وفاق ۽ سنڌ سرڪار هڪ ڀيرو ٻيهر آمهون سامهون، سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري اٽو مهانگو ٿيڻ جي ذميوار سنڌ سرڪار کي قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار 12 لک ٽن ڪڻڪ ذخيرو هُئڻ باوجود رليز نه ٿي ڪري، جنهن سبب ڪڻڪ مهانگي ٿي، وزيراعظم بين الصوبائي رابطن واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ جاري ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطو ڪيو وڃي.  سنڌ ڪابينا ڪڻڪ 15 آڪٽوبر تي جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 1950 رُپيا في مڻ مقرر، ڪابينا اجلاس کي بريفنگ دوران خوراڪ جي وزير چيو ته پنجاب حڪومت 20 سيپٽمبر تي 1950 رُپيا في مڻ جي حساب سان ڪڻڪ جاري ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جي گدامن ۾12.1 لک ٽن ڪڻڪ ذخيرو هئڻ جو اعتراف ڪيو ويو آھي. ڪابينا کي تعليم، نالن جي صفائي سميت 4 وزارتن جي ترقياتي اسڪيمن تي عملدرآمد بابت بريفنگ ڏني وئي. وزير اعليٰ چيو ته وقت تي ترقياتي ڪم مڪمل ڪريو. موٽر وهيڪل رولز ۾ ترميم ڪندي موٽري سائيڪل تي سائيڊ مرر لڳائڻ لازمي قرار ڏنو ويو. ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن جا خرچ وڌي وڃڻ بابت سعيد غني امتياز شيخ ۽ ساجد جوکيو ته مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو