سنڌ ۾ گذريل سال 108 عورتون ڪاري قرار ڏئي قتل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ گذريل سال 108 عورتن کي ڪاري قرار ڏئي قتل ڪيو ويو، اها ڳالهه جمعي تي پوليس پاران جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ ٻڌائي وئي آهي. رپورٽ موجب ڪارو ڪاري يڪسن ۾ نامزد ڪيل 126 ملزمن کي ئي گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن مان 81 خلاف چالان عدالتن ۾ پيش ڪيا ويا.  ڊان نيوز ۾ شايع ٿيل خبر موجب انهن مان 32 ڪيسن جي جاچ هلندڙ آهي. عدالتن 3 ڪيس خارج ڪري ڇڏيا ۽ باقي ٻڌڻي هيٺ آهن. 2018 ۾ ان عرصي دوران 132 عورتن کي مختلف الزامن هيٺ قتل ڪيو ويو هو. 174 ملزم گرفتار ڪيا ويا هئا ۽ 87 ڪيسن جا چالان عدالتن ۾ پيش ڪيا ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو