سنڌ ۾ ڪوڙا ڊوميسائل ٺاهڻ خلاف جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ڪابينا ملازمن جي ڊوميسائيل ۽ پي آر سي جي ڊيٽا بيس ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ ۾ ٽِن سالن دوران جاري ٿيل ڊوميسائل جي نئين سر جاچ جي منظوري به ڏني وئي. جعلسازي ۾ ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جِي هدايت ڪئي وئي آھي، وڏي وزير مراد علي شاهه ڊوميسائل جي جاچ پڙتال لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ٻن مهينن اندر تفصيل گڏ ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آھي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊوميسائيل شهريت جي برابر آهي، غلط ڊوميسائيل ٺاهڻ کي هر قصيمت تي روڪڻو آهي. وڏي وزير 8 جون تي سڀني ڊويزنل ڪمشنرز کي گذريل 10 سالن ۾ جاري ڪيل ڊوميسائيل چيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. يو سي سيڪريٽري غلط سرٽيفڪيٽ جاري ڪن ٿا. لاڙڪاڻو، ڪشمور، گهوٽڪي ۽ ڄامشورو ۾ 432 ڊوميسائيل جي چنڊ چاڻ ڪئي ته 154 ڊوميسائيل مسڪوڪ نڪتا جن جي اپيل هلندڙ آهي اپيل جلد اڪلائي وڃي. ڪابينا اجلاس ۾ حيدرآباد ۽ سکر ۾ ايڊيشنل آءِ جيز پوليس جون پوسٽس ايڊيشنل آءِ جي ٽريننگ ۽ ريسرچ ڊولپمينٽ ۾ تبديل ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي، مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ عورتن، اقليتن ۽ ٻارڙن خلاف ڏوهه برداشت نه ڪندس، پوليس ۽ لاڳاپيل وزير فوري طور مسئلا حل ڪن. سنڌ ڪابينا ۾ مختلف کاتن جي ترقياتي رٿائن تي عملدرآمد جو جائزو وٺندي هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ڪيا وڃن. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ايم آر اي ايف کي ٺٽو ۽ سجاول جون 13 اسپتالون ۽ ملير جون 35 اسپتالون هينڊز کي 5 سالن لاءِ ڏنيون هيون ۽ سندن مدت آگسٽ ۾ پوري ٿي وئي جيڪا 6 مهينن لاءِ وڌائڻ جي به منظوري ڏني وئي. نيوي کي هائوسنگ سوسائٽي لاءِ 200 ايڪڙ ڏيڻ واري سمري تي غور لاءِ چيف سيڪريٽري ۽ ايڊوڪيٽ جرل تي مشتم ڪميٽي ٺاهي وئي ته هو غور بعد رپورٽ ڏي. تعليم کاتي جي ڪلسٽر اسڪول ۽ اپگريڊيشن جي پاليسي به منظور ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو