سنڌ ۾ ڪورونا ويڪسين جا 77 هزار خواراڪون ضايع

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ ڪورونا ويڪسين جا 76 هزار 935 خوراڪون يعني ڊوز ضايع ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. صحت کاتي جي اختيارين ڊوز خراب ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. ڪورونا کان بچاء واري ويڪسين سائينو فام جا 17 هزار 675 ڊوز ضايع ٿي ويا، سائينوويڪ جا 22 هزار 675، اسٽرازينيڪا جا 23 هزار 96 ڊوز ضايع ٿيا جڏهن ته فائزر ويڪسين جا هڪ هزار 178، ڪين سائينو جا 2 هزار 675 ڊوز استعمال جي قابل نه رهيا. ڪين سائينو جا 2 هزار 675 ۽ پاڪ ويڪ جا 7 هزار 876 ڊوز اثر وڃائي ويٺا. موڊرونا جا هڪ هزار 675 ۽ اسپٽنڪ ويڪسين جا 85 ڊوز خراب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. مجموعي طور تي 76 هزار 935 ڊوز ضايع ٿي ويا، صحت کاتي جي اختيارين پاران ويڪسين خراب ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو