سنڌ ۾ ڪورونا سبب 37 وڌيڪ فوت 1151 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 37 مريضن جون حياتيون کسي ورتيون. سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيلن جو انگ 1863 ٿي ويو، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت جاري بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا جا 1151 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، هن زور ڀريو آهي ته صورتحال نارمل ناهي احتياط ضروري آهي. سنڌ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 37 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون آهن، 1151 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، صوبي ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو انگ 1863 ۽ متاثرن جو انگ هڪ لک 7 هزار 773 ٿي ويو، وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ 455، جيڪب آباد ۾ 64، حيدرآباد ۾ 62، خيررپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ 57-57، عمرڪوٽ ۾ 55، گهوٽڪي ۾ 20، سکر ۽ بدين ۾ 14-14، ڪشمور ۾ 13، ڄامشورو ۽ ٽنڊو الهيار ۾ 11، شهيد بينظير آباد ۾ 50، دادو ۾ 32، شڪارپور ۾ 28، سانگهڙ ۾ 24، ميرپورخاص ۾ 23، قمبر ۾ 21، مٽياري ۾ 7 ڪورونا وائرس جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو