سنڌ ۾ ڪورونا سبب 34 وڌيڪ فوتگيون، تعداد وڌڻ لڳو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وڌيڪ 34 مريضن جو ن حياتيون ڳڙڪائي وئي. سنڌ صوبي ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيلن جو انگ 1774 ٿي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي اپ ڊيٽس ۾ ٻڌايو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 1452 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو انگ هڪ لک 3 هزار هڪ سئو 20  کان مٿي ويو آهي، سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ڪورونا جا 585 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، نواب شاهه ۾ 113۽ شڪارپور ۾ڪورونا جا 111 ڪيس رپورٽ ٿيا، دادو ۾ 88، حيدرآباد ۾ 75 ۽ جيڪب آباد ۾ 65 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، سانگهڙ ۾ 39، ڪشمور ۾ 32 ۽ سجاول ۾ 44 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، بدين ۾ 13 ۽ ٺٽو ۾ 11 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. گهوٽڪي ۾ 30 نوان ڪيس ظاهر ٿيا ۽ ضلعي ۾ مريضن جو انگ 1151 ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو