سنڌ ۾ ڪورونا سبب 15 فوت 1224 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صوبي ۾ ڪورونا وائرس سبب 15 وڌيڪ مريض فوت ٿي ويا ۽ فوتين جو انگ وڌي 3237 تائين پهچي ويو آهي. 1224 نوان ڪيس سامهون آيا جڏهن ته 11495 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا  ۽ مثبت ڪيسن جو انگ 199706 ٿي ويو آهي. وزيراعليٰ هائوس مان جاري هڪ بيان ۾ وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 15 وڌيڪ مريض فوت ٿي ويا ۽ فوتين جو انگ 3237 تائين پهچي ويو آهي جيڪو 1.6 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. وڏي وزير چيو ته 11495 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 1224 ڪيس پڌرا ٿيا جيڪي 10.6 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 2178494 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 199706 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن انهن مان 88 سيڪڙو يعني 176337 مريض صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن اندر صحتياب ٿيندڙ 6952 پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 20132 مريض علاج هيٺ آهن، انهن مان 19227 گهرن ۾، 16 آئسوليشن مرڪزن ۽ 889 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 799 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي جن ۾ 89 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 1224 ڪيسن مان 874 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 302، ضلع سينٽرل 176، ضلع ڏکڻ 162، ضلع ڪورنگي 116، ضلع ملير 60 ۽ ضلع اولهه 58 شامل آهن. حيدرآباد 112، شهيد بينظير آباد 33، دادو 25، سانگهڙ ۽ ٽنڊو محمد خان 15-15، گهوٽڪي 13، ڄامشورو 12، بدين 10، ميرپورخاص 11، خيرپور، نوشهروفيروز، ٽنڊوالهيار ۽ ٺٽو 8-8، سکر 7، جيڪب آباد 3، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ عمرڪوٽ 2-2 شامل آهن. وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو