سنڌ ۾ ڪورونا سبب پهريون موت، آمريڪا ۽ يورپ هاءِ الرٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب سنڌ ۾ پهريون موت ڪراچي ۾ 77 سالن جي شخص جو ٿيو آهي. جنهن کي ٻيون بيماريون به لاحق هيون. سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ڪورونا سبب فوتگي جو ويڊيو پيغام جاري ڪندي تصديق ڪئي آهي.

مجموعي طور پاڪستان ۾ 3 ماڻهو فوت ٿي وي آهن 2 ڄڻا اڳ ۾ خيبرپختونخواهه ۾ فوت ٿيا هئا. چين ۾ ٻن ڏينهن کان ڪو نئون ڪيس سامهون ناهي آيو. دنيا ۾ 2 لک 40 هزار کا مٿي ماڻهو ڪورونا ۾ مبتلا آهن، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ موت اٽلي ۾ ٿيا آهن جن جو تعداد 3405 آهي. اهو تعداد چين ۾ مرندڙن کان به وڌيڪ آهي. آمريڪا ۽ انڊيا 22 مارچ کا انٽرنيشنل فلائٽس هڪ هفتي لاءِ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سعودي عرب پبلڪ ٽرانسپورٽ تي بندش وڌي آهي، يورپي يونين ميمبر ملڪن کانسواءِ ٻاهرين لاءِ هڪ مهيني لاءِ ڪنهن به ملڪ جي شهري تي پابندي لڳائي آهي، آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو تعداد 14هزار کان وڌي ويو آهي ۽ حڪومت شهرين کي سفر کان روڪي ڇڏيو آهي. پاڪستان م نوان مريض سامهون اچن بعد انگ 450 کان وڌي ويو آهي.

ڪورونا وائرس بابت خميس جي اپ ڊيٽ

پهنجو تبصرو موڪليو