سنڌ ۾ ڪرپشن بعد ماڪڙ جي تباهي، فصل تباهه، حڪومت لاتعلق

پڊعيدن (مجاھدشر) خيرپور جي ناري، ڄامشوري جي تعلقي سن، مٽياري بعد پڊعيدن ۽ آسپاس جي علائقن ۾ ماڪڙ جو حملو فصل تباهه ڳوٺاڻا پريشان، حڪومت خاموش ۽ لاتعلق بڻيل آهي، متاثر ڳوٺاڻن پاران فوري اپائن جو مطالبو. پڊعيدن جي آسپاس جي مختلف علائقن دريا خان مري، باغ واھ، مولوي علي نواز شر. گھرام شر، نظر محمد شر، لڙ، ڪهڪاٽ ۽ فتح خان لاشاري سميت ٻين علائقن ۾ ماڪڙ جو حملو ماڪڙ جي حملي سبب ووئڻن، ڪمند، وڻ  سميت مختلف فصلن کي سخت نقصان سبب آبادگار سخت پريشان آبادگارن ٻڌايو ته ماڪڙ جي حملي سبب فصل تباھ ٿي رھيا آھن ھن مھل تائين زراعت کاتي سميت ڪنھن به سرڪاري نمائندي رابطو ناھي ڪيو نه ئي ڪو علائقي م ماڪڙ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ڪي جوڳا انتظام ڪيا ويا آھن آبادگارن سنڌ حڪومت جي اعلي عملدارن سميت زراعت کاتي کان گھر ڪئي ته جلد کان جلد علائقي م اسپري ڪرائي ماڪڙ تي ڪنٽرول ڪري آبادگارن جا فصل نقصان ٿيڻ کان بچايا وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو