سنڌ ۾ ڪاروبار بازارون شام ڇهين وڳي بند ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(بيورو رپورٽ)سنڌ ۾ بزنس سينٽرز ۽ مارڪيٽون صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين کليل رهندا جڏهن ته ڇنڇر ۽ آچر تي صرف ضروري ڪاروبار جي اجازت هوندي. سنڌ جي گهرو وزارت نيشنل ڪمانڊ آپريشن سينٽراين سي او سي جي هدايتن تي ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن  کي نظر ۾ رکندي ايس او پيز  جي حوالي سان حڪم نامو جاري ڪيو آهي جنهن موجب سمورن اجتماعن، بزنس سينٽرن، سئنيما، جيمخانه ۽ راندين جون سرگرميون بند ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. بزنس سينٽرز، سئنيما، جيمخانو ۽ راندين جون سرگرميون بند ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. بزنس سينٽرز ۽ مارڪيٽون صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين کليل رهنديون. ڇنڇر ۽ آچر تي صرف ضروري ڪاروبار جي اجازت هوندي. هوٽلن ۾ کليل جڳهه تي کاڌو کائڻ جي اجازت هوندي. جڏهن ته رات جو 9 وڳي تائين کاڌو گهر کڻي وڃڻ ۽ هوم ڊليوري جي اجازت هوندي .سنڌ جي گهرو وزارت هدايت جاري ڪئي آهي ته  سمورين سرڪاي، خانگي آفيسن ۽ عوامي هنڌن تي فيس ماسڪ پائڻ تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو. ڇت جي هيٺيان شادي جي تقريبن تي پابندي لاڳو آهي. جڏهن ته شادي جي تقريب کليل هنڌ تي ڪري سگهجي ٿي جنهن ۾ 200 مهمانن جي اجازت هوندي. مهمانن کي بڪس پيڪ کاڌو ڏيڻ جي اجازت هوندي. سنڌ جي گهرو وزارت سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ گهر تي رهي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته 50 سيڪڙو اسٽاف کي آفيس گهرايو وڃي اهو فيصلو 31 جنوري 2021 تائين لاڳو رهندو. ان کان علاوه ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي ڪورونا  کان محفوظ رکڻ لاءِ سمورين هوٽلن ۾ انڊور ڊائٽنگ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. سمورا ڊپٽي ڪمشنر ان حڪمن تي سختي سان عمل ڪرائيندا.ڪمشنر ڪراچي حڪم جاري ڪيا آهن ته هوٽلن جي اندر ويهي کائڻ  پيئڻ تي پابندي لاڳو هوندي  اهو فيصلو ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي. ڪراچي انتظاميه ان حوالي سان قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو