سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاج جاري

ٽنڊو غلام حيدر (رپورٽ ميرحسن رند)سموري سنڌ جيان يونين ڪائونسل مويا شهر ۾ به قومي عوامي تحريڪ طرفان افغاني آبادڪاري سنڌ ڌرتي جي زمينن تي قبضا وفاقي ادارن مان سنڌي ملازمن جي برطرفي ۽ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف شاندار ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو. جڏهن ته ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن منظور رند ؛ حنيف باگراڻي ؛ علي مردان رند ؛ دلدار رند ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته افغانين کي آڻي سنڌ جو امن تباھ ڪرڻ ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي هڪ گهري  سازش ڪئي پئي وڃي جيڪا سازش سنڌ جو عوام ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو ھنن چيو ته وفاق پاران جيڪي سنڌي ملازم برطرف ڪيا ويا آھن اھي فوري طور بحال ڪيا وڃن ۽ سنڌ جي زمينن ڳوٺن تان قبضا ختم ڪيا وڃن ھنن وڌيڪ چيو ته پاڻي تي ڌاڙي پاڻي جي چوري ۽ کوٽ ختم ڪري شاخن جي پوڇڙ تائين پاڻي پھچايو وڃي ھنن وڌيڪ چيو ته قومي عوامي تحريڪ مسلسل ھڪ مھيني کان وٺي ڪري مٿئين مطالبن جي مڃتا لاء سڄي سنڌ ۾ سراپا احتجاج آھي جڏھن ته ريلي ۾ سياسي سماجي شخصيتن سميت مويا شهر جي عوام پڻ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو