سنڌ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف هاري ڪميٽي جواحتجاج

تلهار(ن سنڌيار) سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان سنڌ ۾ زرعي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي،مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي جي اڳواڻي ۾ تلهار باء پاس تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڀاڻ جو مسئلو حل ناهي ڪيو ويو سرڪار اگهه تي عمل ناهي ڪرايو ويو ڀاڻ بليڪ تي هلايو پيو وڃي هن ڪري سنڌ جا هاري،پورهيت سخت بيچيني جو شڪار آهن ڀاڻ جي مسئلي کي سنجيدگي سان حل ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي هارين کي خصوصي پيڪيج ڏنا وڃن جيئن هاري ۽ پورهيت خوشحال ٿي سگهن. سنڌ هاري ڪاميٽي مسلسل هارين جي حقن لاء تحريڪ هلائي رهي آهي هنن چيو ته هارين کي معاشي تباهي کان بچايو وڃي ۽ ٽينيسي ايڪٽ تي عمل ڪرايو وڃي سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون وڏيرن ڀوتارن جو ليزون ڪينسل ڪري مقامي هارين ۽ پورهيتن ۾ ورهايون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو