سنڌ ۾ پيش آيل واقعن ۽ حادثن ۾ 4 فوت 4 زخمي

ڪراچي( نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن، خودڪشين، بجلي جي ڪرنٽ لھڻ سبب فوت ۽ زخمي ٿيلن بابت ڪجهه خبرن جو تفصيل هن طرح آهي. ڇاڇرو مان ساگر مالهي موجب ڳوڄ ڪاڳيا م 14 ورهين جي نينگري گهرو اڻبڻت تان ڪملي ڌي هنجو مل کوهه ۾ ٽپو ڏئي انت آندو.*** شهدادڪوٽ مان شاهد اعواڻ موجب گرمي سبب وهنجڻ ويندڙ موٽر سائيڪل سوار ٻن نوجوانن جو دريا خانن مستوئي وٽ سامهون ايندڙ ڪارسان ٽڪر ٿي پيو جنهن سبب نظير سومرو ۽ امتياز سومرو زخمي ٿي پيا جن کي مسافر ويگن وارا لاڙڪاڻي کڻي ويا. ڪار ڊرائيور فرار ٿي ويو جڏهن ته پوليس ڪار قبضي ۾ ورتي آهي.***چوهڙ جمالي مان سليم ملاح موجب ڪيٽي کوسا مان گاھ کڻڻ لاء ويندڙ سوزوڪي چوهڙ سجاول روڊ ڪوسٽ گارڊ ڀرسان برسات ۽ ڌنڌ سبب ڪلٽي ٿي پئي. جنهن ۾ گاھ ڀرائي ڪندڙ مزدور 32 سالا سليم پٽ پيراڻو رند زخمي ٿي پيو ۽ ڪراچي ويندي فوت ٿي ويو. فوت ٿي ويل نوجوان جو مڙھ چوهڙ جمالي ڀرسان ڳوٺ مصري خان رند ۾ مٽي ماءۡ حوالي ڪيو ويو .***مورو مان مورائي اياز سولنگي موجب 25 جون تي نوري آباد لڳ نوان جتوئي جي رهواسين جي ڪلٽس ڪار جيڪا ٽرالر ڊرائيور جي لاپرواهي سبب وچ ٽرالر ۾ لڳي هئي جنهن جو آخري زخمي عرفان ملاح دوران علاج زخمن جي سور نه سهندي ڪراچي ۾ فوت ٿي ويو آھي.

ياد رهي ته حادثي ۾ ٿڏي تي ٻه سڳا ڀائر الله ڏنو ۽ وزير علي فوت ٿي ويا هئا ۽ ڪار ڊرائيور سميت 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا هئا زخمين کي نازڪ حالت ۾ ڪراچي اسپتال کڻائي وئي هئي اهي سڀ فوت ٿي ويا. ***مدئجي مان نويداحمد دل موجب ڳوٺ جتن جي ڪڙي ۾ 10 سالا معصوم نينگر ثاقب جمالي پٽ الله ڏنو جمالي کي گهر اندر بجلي جو ڪرنٽ لڳو،بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب گلن جهڙو معصوم ثاقب جمالي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. جنهن بعد گهر اندر روڄ راڙو مچي ويو معصوم نينگر جي امڙ کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا. ان موقعي تي ڳوٺ جي چڱي مڙس مولانا نصير جمالي ٻڌايو ته معصوم نينگر پنهنجي گهر اندر بورڊ سان کيڏي رهيو هيو ته سندس ڪرنٽ لڳي ويو ۽ موقعي تي فوت ٿي ويو هوڏانهن معصوم نينگر ثاقب جمالي جي جنازه نماز ڳوٺ جتن جي ڪڙي ۾ ادا ڪئي وئي،جنهن بعد ڳوٺ ڀرسان اباڻي قبرستان ۾ آلين اکين سان تدفين ڪئي وئي.*** شهدادڪوٽ مان شاهد اعواڻ موجب معمولي ڳاله تان ڀائرن جو پاڻ ۾ جهيڙو لٺين، لوهي سرين ۽ سروٽن جي آزادنا استعمال سبب ٻئي ڀائر سخت زخمي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ، شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي بائي پاس ڀرسان ڳوٺ گدا حسين تنيو ۾ پاڻي واري مشين هلائڻ جي معمولي ڳالھ تان ٻئي ڀائر عبدالرسول بروهي ۽ عبدالغفور بروهي پاڻ ۾ وڙهي پيا.

**** ٽنڊومستي مان  نادرعلي اڄڻ موجب ڊرٻ ميهر شاھ جي 10 سالا يتيم نينگر جاويد اڄڻ ولد مرحوم محمد عرس اڄڻ کي خيرپور مان پراسرار نموني لاپتا ٿيڻ کي 7 ڏينهن مڪمل ٿي ويا وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر پوليس ٻوٽو نه ٻاريو گهر ۾ قران پاڪ جو ورد جاري.

پهنجو تبصرو موڪليو