سنڌ ۾ پيش آيل مختلف واقعن ۽ حادثن ۾ 8 فوت 3زخمي

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن م بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ، گهرو اڻبڻت تان خود ڪشي، نانگ جي ڏنگ، روڊ حادثن ۽ پاڻي ۾ ٻڏڻ ۽ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب مختلف واقعن ۾ 8 فوت ۽ 3ي زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب مورو شھر جي مھراڻ ڪالوني ۾ بجلي جي کنڀي مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري 15 سالن جي ڪوثر ڌي ذوالفقار سھتو فوت ٿي وئي جنھن کي وارثن تعلقي اسپتال مورو آندو جتي ڊاڪٽرن پڻ فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جنھن بعد وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

ان موقعي تي وارثن چيو تہ واپڊا سيپڪو مورو جي نااھلي سبب اسان جي نينگري فوت ٿي آھي جنھن جو ڪيس انھن مٿان داخل ڪيو وڃي جڏھن ته مورو ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي ھوڏانھن لاش گھر پھچڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو.**** اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ سينھري درس ۾ ٻاويھ ورھين جي نوجوان علي گوھر ولد دوست محمد درس وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کائي ڇڏيو ھوڏانھن واقعي جي ٽن ڪلاڪن بعد پوليس لاش کڻائي اسپتال آندو جتي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

وارثن جي چوڻ موجب فوتي نوجوان ڄمندي ئي ان فٽ ھجڻ سبب عجيب قسم جون حرڪتون ڪندو ھو مٿس نظر رکندا ھئاسين پر ڪالھ شام اچانڪ وڻ ۾ رسو ٻڌي زندگي جو خاتمو ڪري ڇڏيو ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ ٻڌايو ت انھن  قانوني ڪارروائي ڪري ڇڏي آھي ڪيس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو*** ڳوٺ لال بخش کوسو ۾ نانگ ڏڳڻ سبب 13 سالن جو غلام النبي پٽ سائين بخش کوسو فوت تي ويو.

جنھن بابت ٻڌايو ته  ٻارڙي جو علاج دير ھئڻ ڪري موت واقع ٿيو***مدئجي ۾ 8 ڏينهن اڳ وارھ ڪئنال ترائي پل تي وهنجندين ٻڏي ويل 19 سالا محمد حسن منگي جو لاش ڳوٺ جعٰفر خان مگسي ويجهو هٿ اچي ويو،وارثن لاش جي سڃاڻپ ڪري لاش ڊاٽسن ذريعي گهر کڻائي آيا،لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،لاش مڪمل طور ڳري ويو هو. کيس اباڻي قبرستان علي حيدر شاھ ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو. *** نئون ڪوٽ لڳ اڪوٽا شاخ جي ڳوٺ اقبال قائمخاني ۾ مڙس کان ناراض ٿي 30 سالا ناري شريمتي سومري زال روپشي ڪولهي زرعي جيت مار دوا پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

جنهن کي وارثن فورن رورل هيلٿ سينٽر نئون ڪوٽ آندو جتي ليڊي ڊاڪٽر زيب النساءُ ڪولاچي زهريلي دوا نلڪين وسيلي ڪڍي ناري جي زندگي بچائي ورتي.**** .*** لکي غلام شاھ ويجهو سکر شڪارپور روڊ ڄامڙا بس اسٽاپ وٽ ٽريڪٽر جو ٽائر برسٽ ٿيڻ ڪري  ڪراس ڪندڙ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ صيفل خروس جو رھواسي نوجوان محمد رحيم خروس جتوئي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو جڏھن ته 2 ڄڻا گلال خروس ۽ ڪويت خروس جتوئي زخمي ٿي پيا جن کي علاج لا۽  سول اسپتال لکي داخل ڪرايو ويو. فوتي جو لاش سول اسپتال لکي مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ٽريڪٽر  ڊارئيور موقعي تي فرار ٿي ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هيو. ****سوسائٽي ويجهو موبائيل شاپ ۽ آٽوز جو دڪان هلائيندڙ 30 سالن جو نوجوان رضوان آرائين جيرو ڦاٽڻ سبب سکر جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو سوڳ ۾ مارڪيٽ بند ٿي ويو.**** سيٺارجا لڳ ڳوٺ محسن شاهه ۾ بجلي جو ڪمزور ٿي ويل پول اوچتو ڪرڻ سبب اتان گذرندڙ ڳوٺ گل خان لنڊ جو رهواسي ۽ رٽائرڊ تعليمي ماهر استاد علي مراد لنڊ جو ڀائيٽيو 30 سالا ممتاز حسين لنڊ هيٺان اچڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويو. خبر پوڻ تي وارثن ۽ ڳوٺاڻن لاش کڻائي ڳوٺ گل خان لنڊ آندو ويو جتي لاش پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام برپا ٿي ويو****. شهدادڪوٽ ڀرسان ڳوٺ جان محمد کوکر جي رهواسڻ 6 ورهين جي نياڻي زاهده ڌي محمد پناه کوکر اسپتال ۾ تڙپي  تڙپي فوت ٿي وئي ، وارث عورتون لاش مٿان ماتم ڪري ماحول سوڳوار ڪري ڇڏيو ، وارثن ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام  هڻندي چيو ته علاج لاء سرڪاري اسپتال آندو ته ڊاڪٽر جي لاپرواهي سبب ٻارڙي  موت جي ور چڙهي وئي

پهنجو تبصرو موڪليو