سنڌ ۾ وڌيڪ 48 فوت، خطرو ٽريو ناهي احتياط ڪريو،شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ قاتل ڪورونا وڌيڪ 48 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون آهن، 1713 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ وائرس متاثرن جو تعداد هڪ لک 5 هزار 533 ٿي ويو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي حوالي سان انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 48 مريض فوت ٿيڻ بعد فوتين جو انگ وڌي 1795 ٿي يو آهي. وڏي وزير اپ ڊيٽ جاري ڪندي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 715، خيرپور ۾ 172، لاڙڪاڻي ۾ 62، شڪارپور ۾ 59 ۽ مٽياري ۾ 55 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. وڏي وزير موجب ميرپورخاص ۾ 46، گهوٽڪي ۾ 41، سانگهڙ ۾ 35، دادو ۽ قمبر مان هر هڪ ضلعي ۾ 32 جڏهن ته ٽنڊو محمد خان ۾ 31 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته ٺٽي ۾ 27، ڄامشورو ۾ 26، حيدرآباد ۾ 24، ٽنڊو الهيار ۾ 21، جيڪب آباد ۾ 19 ۽ بدين ۾ 18 ڪيس سامهون آيا. وڏي وزير موجب ڪشمور ۾ 14، عمرڪوٽ ۾ 11، شهيد بينظير آباد ۾ 10، سکر ۽ نوشهروفيروز ۾ 7-7 ۽ سجاول ۾ 2 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته هن وقت تائين 42 هزار 780 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 743 مريضن جي ڳڻتي جوڳي آهي جڏهن ته 112 مريض وينٽي لينٽرز تي آهن. وڏي وزير چيو آهي ته اڄ وڌيڪ هڪ هزار 519 مريض ٺيڪ ٿي ڪري گهرن ڏانهن هليا ويا، هيل تائين صحتياب ٿيل مريضن جو انگ وڌي 60 هزار 958 ٿي ويو آهي. وڏي وزير عوام کي اپيل ڪئي آهي ته پاڻ کي ۽ ٻين کي ڪورونا کان بچايو، وبا کان بچڻ تڏهن ممڪن آهي جڏهن توهان ايس او پيز تي عمل ڪندا. هن چيو ته خطرو ٽريو ناهي ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ وبا جي ڦهلجڻ جو وڏو خطرو آهي ان ڪري لاپرواهي نه ڪريو.ياد رهي ته ملڪ ۾ اڍائي لک کان ڪورونا جا ڪيس وڌي ويا آهن ۽ مرندڙن جو انگ  5245ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو