سنڌ ۾ ون ويلنگ، دريائن ۽ سمنڊ ۾ وهنجڻ تي پابندي لاڳو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت عيدالاضحيٰ جي موقعي تي صوبي ۾ ون ويلنگ، دريائن ۽ سمنڊ ۾ وهنجڻ ۽ ايئرپورٽن ڀرسان قرباني جي ڪٺل جانورن جا آنڊا گونڊا اڇلائڻ تي قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. گھرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عيدالاضحيٰ جي موقعي تي صوبي ۾ دريائن، واهن، شاخن ۽ سمنڊ ۾ وهنجڻ تي پابندي هوندي، ون ويلنگ تي به پابندي هوندي، اها پابندي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ جي خدشي سبب لڳائي وئي. نوٽيفڪيشن موجب عيد الاضحيٰ جي موقعي تي هوائي فائرنگ تي به پابندي هوندي، جڏهن ته ڪٺل جانورن جون آنڊا وغيره ايئرپورٽن ڀرسان اڇلائڻ تي به قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب ايئرپورٽن جي آسپاس وارن علائقن ۾ آنڊا اڇلائڻ سان پکي ايندا، جنهن سبب فضائي حادثن جو خدشو آهي، هي پابندي هڪ مهيني تائين هوندي

پهنجو تبصرو موڪليو