سنڌ ۾ وحشت ۽ دهشت جو راڄ قبول ناهي، هاري ڪميٽي

چوهڙ جمالي (ن سنڌيار)سنڌ هاري ڪاميٽي جو مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي ۽ جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي چوهڙ جمالي جي مختلف علائقن ۾ دورو ڪيو مختلف شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون ۽ تعزيتون پڻ ڪيون.جنهن بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ اندر دهشت ۽ وحشت جو راڄ آهي جيڪو ڪنهن به طور قبول ناهي. هنن چيو ته جيڪو حق جي ڳالهه ڪري پيو ان تي ايف آء آريون ڪري هيسائڻ جون ڪوششون ڪيون پيو وڃن دودو ڀيل جو قتل ٿرڪول مان ڌرتي ڌڻين کي ڪڍڻ جي سازش آهي اها سازش ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندي سنڌ هاري ڪاميٽي دودي ڀيل جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سينگار نوناري جي بازيابي جي گهر ڪري ٿي سنڌ جي پورهيتن سان ظلم برداشت نه ڪنداسين سنڌ جي هارين سان ظلم ٿي رهيو آهي هارين ڪا به سهولت ڪونهي پاڻي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو لڳي رهيو آهي سنڌ هاري ڪاميٽي نئين پاڻي معاهدي جي گهر ڪري ٿي هن ملڪ کي نئين پاڻي معاهدي جي ضرورت آهي جيڪا ننڍن صوبن جي گهرجن کي پورو ڪري اهڙو معاهدو ٿيڻ گهرجي سنڌ هاري ڪاميٽي پورهيتن جي حقوق جي پرامن جدوجهد جاري رکندي ان موقعي تي ڪامريڊ ولي محمد,ملڪ هارون,غلام مصطفي,محمد عمر بلوچ,ملڪ صدام ۽ جي ايم بلوچ پڻ گڏ هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو