سنڌ ۾ نياڻيون محفوظ نه آهن، عدالت نوٽيس وٺي، پرهياڙ

حيدرآباد (پ ر) سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ساجده پرهياڙ، ڪائنات ھاليپوٽو، جنت هاليپوٽو، ثمرين خاصخيلي، ڪائنات ڏاھري مومل لاشاري پنهنجي گڏيل بيان ۾ اوٻاوڙ ويجهو مقبول ٽائون جي رهواسڻ معصوم نياڻي ثنا ڌيءَ اڪرم چوهاڻ کي وحشي درندن پاران ورغلائي موٽر سائيڪل تي کڻي وڃي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي گهر ٻاهر اڇلائي وڃڻ واري عمل جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته روزاني معصوم نياڻي کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، انهن خبرن سان روزاني جون اخبارون ڀريل هجن ٿيون، يارو لنڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ بهار شاهه ۾ پنج ڏينهن اڳ قتل ڪيل 15 مهينن جي معصوم ٻارڙي حاجران سان جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف ٿيو آهي، هن معصوم نياڻي کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي کيس قتل ڪري سندس لاش وونئڻن جي فصل ۾ اڇلايو ويو، جوهي شهر جي بخاري پاڙي جي رهواسڻ شبانه زال واحد بخش ڀٽو سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ته مڙس سعودي عرب ۾ روزگار ڪري ٿو، ان جي غير موجودگي ۾ پاڙي جي ٻن ڄڻن هٿيارن جي زور تي گهر ۾ گهڙي ساڻس جنسي ڏاڍائي ڪري ويڊيو ٺاهي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، متاثر عورتن پاران جوهي پوليس کي دانهن ڏيڻ باوجود پوليس وحشين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي روزاني معصوم نياڻي کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو وڃي ٿو ڪجهه واقعا اخبارن ۾ رپورٽ ٿين ٿا ۽ ڪيترائي واقعا اخبارن ۾ رپورٽ ٿيڻ کان رهجي وڃن ٿا، سنڌ جي معصوم نياڻي سان روزاني ههڙي وحشيانيت ۽ ظلم مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ حڪومت نالي ڪابه شئي نه آهي، سنڌ جي ڪنهن به معصوم نياڻي کي قانوني تحفظ نه آهي، سنڌ ۾ درندگي ۽ وحشانيت جو راڄ قائم آهي، عورتن جي حقن لاءِ سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ادارن جي اکين تي پٽيون چڙهيل آهن، انهن ادارن جي عملدارن کي فوٽو سيشن ۽ حڪمرانن جي جيءُ حضوري مان فرصت ئي نٿي ملي جو هو سنڌ ۾ معصوم نياڻين سان ٿيندڙ ظلم تي عالمي ليول تي آواز اٿارين. سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس صاحب سنڌ جي نياڻين سان ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺي، جنسي ڏاڍائن جو نشانو بڻايل ۽ قتل ڪيل معصوم نياڻي جي خون سان انصاف ڪري. ۽ اهڙي درندگي کي روڪڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر ۾ خاص سيل قائم ڪيو وڃي، جتي به جنهن نياڻي سان ظلم ٿئي ته اهو سيل سڌي طرح متاثر نياڻي جي وارثن ۽ پوليس سان رابطي ۾ اچي، فوري طور تي جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ لاءِ تحرڪ وٺي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو