سنڌ ۾ مُند مٽَجي وئي، هندو برادري پاران ٿڌڙي جو تهوار

ڪراچي (نمائندن وٽان)دنيا جيان سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ هندو برادري ٿڌڙي جو تهوار وڏي جوش ، جذبي ۽ مذهبي عقيدت سان ملهايو. ڪراچي، حيدرآباد، عمر ڪوٽ . ميرپور خاص جيڪب آباد،  ڪنڌڪوٽ، غوثپور، شڪارپور، لاڙڪاڻو، سکر، خيرپور  سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ ملهائي وئي. لکي غلام شاھ مان نثار منگي موجب تعلقي ۾ ٿڌڙي جو ڏڻ ملهايو ويو. لکي، چڪ، عبدو، ڀرڪڻ، کاهي ۾ ٿڌڙي جو تهوار جوش جذبي سان ملهايو ويو مٺي ماني حلوا پوڙي پچائي ۽ مٺائي برادري ۽ دوستن ۾ ورھائي وئي ان موقعي تي ھندو برادري جي اڳواڻن چيو ته ٿڌڙي جو تهوار وڏو اهم آھي جنهن ۾ مٺي روٽي حلوا پوري گھرن ۾ پچائي برادري ۾ تقسيم ڪندا آھيون رات جو ورت رکندا آھيون جيڪو 36 ڪلاڪ ورت رکي ڪري پوجاپاٽ ڪندا آھيون سڄي سڄي رات ڀڳتي ڪري ٽئين ڏينهن تي ٿڌڙي ملهائيندا آھيون ٿڌڙي جي تهوار گذرڻ بعد گرمي جو زور ٽٽي پوندو آھي ۽ رات جي ٽائيم ٿڌ محسوس ٿيندي آھي. غوثپور مان عبدالنبي ملڪ موجب هندو برادري اڄ پنھنجو مذھبي تھوار ٿڌڙي مذھبي عقيدت ۽ احترام سان ملھائي رھيا آھن۔ اڄوڪي تھوار تي گھرن ۾ چلھ نه ٻاري ويندي آھي ۽ رات جو پچايل کاڌو ۽ مٺا لولا توڙي ڪپر ۽ مئدي مان ٺھيل مٺيون ۽ چھريون مانيون  ھڪ ٻئي کي کارايون وينديون آھن. ان موقعي تي سنڌ ۽ ملڪ جي ترقي خوشحالي ۽ سلامتي لا۽ پڻ خاص دعائون گھريون ويون آھن ۽ گھرن توڙي مٺائي جي دوڪانن تي چلھ نه ٻاري ويندي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو