سنڌ ۾ مختلف واقعا ۽ حادثا 5 فوت 16 زخمي ٿي پيا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ رود حادثن، خودڪشين ۽ ٻين واقعن ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا. مختلف شهرن ۾ پيش آيل 7 واقعن بابت احوال پيش آهي هن رپورٽ ۾. ***لاکاروڊ مان اظھر جلباڻي موجب ڳوٺ ستار ڏنو مڱريو جي رهواسي جان محمد پٽ الهندو منگي گهرو اڻبڻت تان پاڻ کي ريل آڏو اچي خودڪشي ڪري ڇڏي. هن پنجاب کان ڪراچي ويندڙ بابا فريد ايڪسپريس هيٺ اچي پنهنجي زندگي جو خاتمو آڻي ڇڏيو. مرحوم حجامڪو ڪم ڪندو هيو ۽ ديڳيون پچائڻ جو ڪاريگر پڻ هيو ، هو سهڪي جي بيماري ۾ پڻ مبتلا هو، مرحوم پويان هڪ گهر واري ،ٽي پٽ ۽ چار نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن. ***ميهڙ مان غلام حسين پنھور موجب سيد جو ڳوٺ تي رڪشا ۽ موٽر سائيڪل جي ٽڪر جي نتيجي ۾ رڪشا  ڪلٽي ٿيڻ سبب امجد خاصخيلي ۽ عدل عرف اجو خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي ميهڙ اسپتال بعد فوري طور تي  لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو جتي نوجوان امجد خاصخيلي فوت ٿي ويو.***سجاول مان سليم ملاح موجب فارم اسٽاپ وٽ روڊ تي ڪار ۽ سوزوڪي پڪ اپ وچم ٿيل خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٽنڊي باگي واسي  نوجوان سجاد حسين خاصخيلي موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن ته ساڳئي ڪار ۾ سوار ڊرائيور  سميت 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين ۾ الطاف حسين خاصخيلي عرفان مير محمد راشد  مبارڪ ۽ عبدالواحد بروھي شامل آھن. فوتي جو مڙھ ٽنڊي باگي موڪليو ويو.****سکر مان جئيرام داس موجب چڪ واسي پوليس جمعدار نظير احمد مھر ڊيوٽي تان واپس ايندي پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، سندس وارثن گاجي خان مهر، حبيب الله، غلام حيدر، ممتاز مهر جو چوڻ هو ته ڀاءُ نظير احمد مهر جي شهدادپور ۾ اي ايس آئي  جي ٽريننگ هلندڙ آهي، هفتي وار موڪل تي جمعي ۽ ڪڏهن آچر تي گهر واپس ايندو هو، مقامي ماڻهن ٻڌايو آهي ته هو جمعي جي شام جو جهان خان اسٽاپ وٽ گاڏي تان لٿو هو، هڪ هفتي کان هن جا موبائيل بند ملي رهيا آهن، افواهه آهن ته عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيو آهي.*** وارث ڏنو ماڇي مان شعيب نوناري مطابق ڳوٺ عبدالرشيد بروھي ۾ 12 سالا معذور نوجوان عطاء الله پٽ محمد اسماعيل بروهي پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي ان ڏس ۾ مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته عطاالله بروهي نشو ڪندو هو منع ڪرڻ تي هن ڪاوڙ ۾ اچي پاڻ مٿان  پسٽول جا فائر ڪري زندگي جو انت آندو. ***شهر ۾ پيش آيل هڪ ٻئي واقعي ۾ ڪبوترن جي شرط تان جھيڙو ٿي پيو. وڏاٻوسڻ ۾کوکر ۽ ٻوسڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جيھڙي سبب واڌل کوکر زبير کوکر شفقت ٻوسڻ صابر سميت 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. حد جي پوليس زخمين کي سرڪاري ليٽر ڏئي ٻنهي ڌرين کي تعلقه اسپتال علاج لاءِ موڪلي ڇڏيو. ***ڪرمپور  مان ڪريم بخش موجب ڳوٺ ڪريم بخش چولياڻي ۾ نوجوان عبدالقدير چولياڻي گهران ڪاوڙجي پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري، آپگهات ڪري ڇڏيو. *** شاهپورجهانيان مان رپورٽر موجب ڳوٺ مقيم ڏاهري ۾ پاڻيءَ جي واري تان ڏاهري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ مبينا طور جهيڙو ، ڳوٺ غلام حيدر ڏاهري واسي 32 سالا نوجوان نوردين پٽ قاضي خان ڏاهري رتو رت ، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ، زخمي نوجوان جي ڀائرن حاجي مبين ڏاهري ، محمد عظيم ڏاهري ، امين ڏاهري ٻڌايو ته اسان جو ڀاءُ پنهنجي مليل وقت جو پاڻي جو وارو وهي رهيو ته چئن جوابدارن محمد مٺل ڏاهري ، محمد بچل ڏاهري ، اياز علي ۽ سجاد علي ڏاهري مٿس لٺين ۽ ڪهاڙين جا وار ڪري کيس سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا. اسين زخمي کي نوابشاهه کڻائي آياسين. وارثن اعليٰ  اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو