سنڌ ۾ مختلف واقعا،2 قتل،6 زخمي، 18 ڍور ۽ 2 انسان بازياب

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيش آيل واقعن، حادثن ۽ پوليس ڪارواين سبب چوري ٿيل 18 ڍور واپس ڪرايا ويا، 2 مغوي بازياب ڪرايا، 2 ڄڻا قتل ٿيا ۽ 6 ڄڻا ٻيا زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب ڳڙھي ياسين مان شفيق مهر موجب سڱاوتي تڪرار تان جوابدار نظير معرفاڻي,ضمير معرفاڻي سميت ٽن ھٿياربندن جو ڳوٺ آباد ڀرسان گھر پنھنجا تي چڙھائي ڪري سڌي فائرنگ گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ نوجوان عورت مسمات زرينا زال لياقت معرفاڻي ۽ سندس چئن ورھين جي نياڻي عابده معرفاڻي سخت زخمي ٿي پيون، زخمين کي ڳڙھي ياسين اسپتال آندو جتي زخمن جا سور نه سھندي چئن ورھين جي نينگري عابده معرفاڻي فوت ٿي وئي. ***لکي غلام شاھ  مان نثارمنگي موجب بگي واھ تي جعفري برادريء جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب فوجي اهلڪار عبدالواحد پٽ نظر محمد جعفري سخت زخمي، لکي ٿاڻي تي جوابدارن خلاف اين سي داخل، زخمي جي وارثن مخالف ڌر خلاف  احتجاج ڪيو. ***سجاول مان سليم ملاح موجب واٽر سپلاءِ ڀرسان سرائي ۽ ھٿيار برادري جي ماڻهن ۾ جھيڙو سريا لٺيون لڳڻ سبب حبيب الله ھٿيار ۽ غلام حسين ھٿيار زخمي ٿي پيا جن کي تعلقي اسپتال سجاول آندو ويو جتي غلام حسين ھٿيار کي ڪراچي ريفر ڪيو ويو جڏهن ته سامھون واري ڌر جي پنج ڄڻن تي اين سي داخل ڪندي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ***خانپور مان زبير ابڙو موجب ڳڙھي تيغي ۾ گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺاڻي جي ھڪ ڳئون ۽ ٻڪري مارجي وئي فائرنگ سبب  علائقي ۾ ڏھڪاء پکڙجي ويو رابطو ڪرڻ تي ڳڙھي تيغو پوليس چؤڪي انچارج ٻڌايو ته ڏوھارين پاران پوليس تي فائرنگ ڪئي وئي پوليس به جوابي فائرنگ ڪئي ڏوھاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ٻئي پاسي خانپور شھر۾ نامعلوم ھٿياربندن فائرنگ شروع ڪري ڏني  جنھن سبب ڏھڪاء پکڙجي ويو  خانپور پوليس  به  جوابي فائرنگ ڪري ڏني ھٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.*** سجاول سول ڪورٽ سجاول ۾ شنوائي لاءِ آيل قيدي پاڻ ۾ وڙھي پيا ھٿڪڙيون لڳڻ سبب ٻه سڳا ڀائر زخمي ٿي پيا. ڪجهه وقت اڳ جاتي جي ڳوٺ الھڏنو ملاح ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙو ٿيو هو جنهن دوران دودو ولد حاجي عثمان ملاح قتل ٿي ويو ھو جنھن ڪيس ۾ نامزد فوتي جا ويجھا مائيٽ رمضان، حنيف.پيراڻو، احمد ڪارو، صاحب ڏنو ۽ ٻيا گرفتار ٿيا هئا جن کي بدين جيل اماڻيو ويو هو جيڪي ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ سول ڪورٽ سجاول پهتل ھئا ۽ پوليس  ڪسٽڊي ۾ قيدين جي ڪمري ۾ موجود ھئا جتي ڳالھين دوران پاڻ ۾ اٽڪي پيا. مبينا 4 ڄڻن ھٿڪڙين سان حملو ڪري احمد عرف ڪارو ملاح ۽ سندس ڀاءُ صاحب ڏنو ملاح تي تشدد ڪيو تشدد ۾ ٻنھي قيدين جا مٿا ڦاٽي پيا جڏھن ته پوليس پارٽي سندن جھيڙو روڪڻ بجاءِ خاموش بيٺل رھي بعد ۾ زخمي قيدين کي جج جي چيئمبر ۾ ويھاريو ويو. وڪيل برادري طرفان پوليس کي ذميوار قرار ڏيندي وڪيل عمران شاھ بخاري چيو ته پوليس سيڪيورٽي مان اسان مطمئن ناھيون. *** صوڀو ديرو مان مظهر نعمت علي مڱڻيجو  موجب اسڪول ويندي معصوم شاگرد تي رولو ڪتن جو حملو زخمي شاگرد اسپتال منتقل ويڪسين اڻلڀ ، جيئي سنڌ پورهيت سنگت جي اڳواڻن ۽ ڳوٺاڻن جو يوسي چيئرمين ۽ اسپتال انتظاميا خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري  انصاف جو مطالبوڪيو. *** اوٻاوڙو  مان غلام علي رند موجب ڏهرڪي شگر مل اندر ٽينڪر ريورس دوران مڏ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي وئي جنهن نتيجي ۾  ريتي واسي پورهيت سبزل بگٽي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو ته اهڙي  اطلاع تي ڪمون شھيد چوڪي  پوليس پهچي لاش  تعلقه اسپتال اوٻاوڙو  ڏانهن منتقل ڪيو . پوليس ٽريڪٽر  ڊرائيور شاه محمد  انڙ کي  گرفتار ڪري ورتو.***سکر مان جيرام داس موجب ڳوٺ گلاب ٻرڙو ۾ رات دير سان چور الله جوايو ٻرڙو جي گهر ۾ گهڙيا، گهر ڀاتي سجاڳ ٿيڻ تي چورن فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ 18 سالن جي نوجوان ناري سمعيه ڌيءَ الله جوايو ٻرڙو ڄنگھه ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي، کيس روهڙي اسپتال منتقل ڪيو ويو،وارثن موجب چوري جي ڪوشش دوران چورن فائرنگ ڪري نياڻي کي زخمي ڪيو آهي، ھڪ چور کي سڃاتو آهي جنھن جو نالو عبدالله شيخ آھي، جيڪو پاڙيسري آهي، ڪنڌرا پوليس عبدالله شيخ سوڌو ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪري ورتو.***ميرپورخاص مان سيدبشيرشاھ موجب ميرواھ گورچاڻي پوليس جي وڏي ڪاروائي رات ٻيلھاڙو لڳ چورن جو گھيراءُ ڪري چوري ڪيل 16ٻڪريون ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته چور ٻڪريون ڇڏي فرار ٿي ويا. پوليس ڳوٺ بابو احسان جي ٻني مان ٻڪريون ھٿ ڪري مالڪن حوالي ڪري ڇڏيون پوليس جي ترت ڪاروائي ڪرڻ تي ڀاڳئي باغ علي چانڊاڻي پوليس جا ٿوارا مڃيا.*** ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ موجب دراني مھر ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي  ۾ پوليس سرچ آپريشن دوران  ھڪ سال اڳ اغوا ٿيل ڏھرڪي جي رھواسي معشوق شيخ ۽ 2 مھينا  اڳ پنجاپ جي شھر بکر جي رھواسي عالم شير کي پوليس ھٿياربندن  وٽان ڳجھي  اطلاع تي ڇاپو ھڻي بازياب ڪرايو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو