سنڌ ۾ مختلف علائقن ۾ حادثن ۽ واقعن ۾ 9 فوت 31 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيش آيل 13 حادثن ۽ واقعن ۾ 9 ڄڻا فوت ۽ 31 ڄڻا زخمي ٿي پيا.****ڪلوئي مان غلام مصطفي نهڙيو موجب کيتلاري کان مٺي ويندڙ لينڊ ڪروزر جي ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳوٺ کاٽو واسي حاڪم  ڀيل ٿڏي تي فوت ٿي ويو سندس ڀاءُ سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي پوليس بدين ريفر ڪرايو فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو جڏهن ته ڪلوئي پوليس موجب ته فوت ٿيل جي وارثن خون ٿڏي تي معاف ڪري ڇڏيو.*** اوٻاوڙو مان غلام علي رند موجب ڪچي واري اعلائقي ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين گڏو شر ۽ سلطان عرف سلطو شر جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ بالو شر قتل ٿي ويو. پوليس موجب مقتول مختلف ڪيسن ۾ گهربل هو ۽ مٿس انعام رکيل آهي. پوليس موجب ظفر عرف بالو شر بدنام ڏوهاري گڏو شر جو جي ٽولي مان هيو جنهن مٿان 21 قتل اغوا، پوليس مقابلو ۽ ٻيا سنگين ڏوهن جا ڪيس داخل هئا. سندس خلاف داخل ڪيسن جو تفصيل گهوٽڪي پوليس مختلف ٿاڻن کان گهرائي ورتو آهي. ڪچي جو علائقو جنگ جو ميدان بڻجي چڪو آھي ۽ وڌيڪ خونريزي جو امڪان آهي.*** نارو مان ساجد علي سهتو موجب ميٽهڙي واري علائقي ۾ مڙس الله بخش ڪٽوهر جهنگ ۾ وٺي وڃي پنهنجي زال 45 سالا خانزادي ڪٽوهر کي ڪهاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو.لاش پوسٽ مارٽم لاء چونڊڪو اسپتال منتقل واقعي جي جاچ هلندڙ آهي. ***ڪوٽ لالو مان باغ علي موجب ڳوٺ موهاڙي  ۾ مڙس محمد طفيل مجيداڻو پنهنجي 30 سالا زال ٽن ٻارن جي ماءُ  نسرين مجيداڻو کي ڪهاڙين جا وار ڪري بيدردي سان گهر اندر ٻارڙن سامهون  قتل ڪري ڇڏيو . اطلاع ملڻ تي ڪوٽ لالو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش جو پوسٽ مارٽم پڪاچانگ مان ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويو.  ايس ايڇ او انور ابڙو ٻڌايو ته جاچ جاري آهي ۽ علائقي ۾ ڪارنهن جي الزام جا چوٻول آهن.*** ميروخان مان صفدر علي تنيو موجب گلشن آباد محلي ۾ مڙس ۽ سهري جي مبينا تشدد ۾ نوجوان عورت فوت ٿي وئي، پوليس جي ابتدائي جاچ موجب  30 ورهين جي فرزانه بروهي کي اولاد نه ٿيڻ تان  سهرو عبدالوهاب بروهي ۽ مڙس عبدالغفور بروهي لٺيون هڻي عورت فرزانه بروهي کي زخمي ڪيو، کيس تڪليف وڌي وڃڻ بعد لاڙڪاڻي علاج لاءِ نيو ويو هو جتي معمولي علاج ڪرائي واپس گهر آندو، فرزانا جي حالت خراب ٿي وئي ۽ هوءَ فوت ٿي وئي. ايس ايڇ او ميروخان گل منير هليو ٻڌايو ته فوتي ناري فرزانه بروهي جو لاش ميروخان اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ ڪري شهدادڪوٽ اسپتال  موڪليو آهي . جتي پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد موت جي ڪارڻ جي خبر پوندي جنهن کانپوءِ خبر پوندي. پوليس فوتي ناري جي مڙس عبدالغفور بروهي ۽ سندس سهري عبدالوهاب بروهي کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو آهي.***ڪرونڊي مان علي حبيب رتڙ موجب مھراڻ قومي شاھراھ تي مدني ھوٽل ڀرسان خوني موڙ ۾ تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 25 سالا نوجوان ديدار علي زرداري ۽ 30 سالا علي مراد زرداري موقعي تي ئي فوت ٿي ويا حادثي جي زخمي علي گوهر زرداريءَ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھ منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ڪار ڊرائيور واقعي واري جاءِ تان فرار ٿي ويو. حادثي جي فوتين ۽ زخميءَ جو تعلق اَڪِري شهر جي ڳوٺ بنگل خان زرداريءَ سان آهي.ياد رهي ته نوابشاھ کي راڻيپور سان ملائيندڙ خوني روڊ جا پاسا نه ٺهڻ ۽ ٽريفڪ ڪنٽرول ڪندڙ سائين بورڊ نه هئڻ ڪري مهراڻ قومي شاهراھ مسافرن لاءِ موت جي ڪورڪي بڻيل آهي.*** ميروخان مان صفدر علي تنيو  موجب ڳوٺ دائو ڪلهوڙو ۾ 22 ورهين جي نوجوان اويس علي ڪلهوڙو گهر جي ٻاهران وڻ ۾ رسو وجهي آپگھات ڪري ڇڏيو  پاڙي وارن نوجوان جو لاش وڻ سان ٽنگيل ڏسي گهر وارن کي اطلاع ڪيو جنهن تي وارثن ۽ ڳوٺاڻن وڻ تي ٽنگيل لاش هيٺ لاٿو.*** راڻيپور مان نديم شيخ موجب ڳوٺ وزير حسين جوڻيجو ۾ قبرستان تي هلندڙ جهيڙي ۾ ٻيهر جهيڙو ٿي پيو نتيجي ۾ لٺين ۽ ڪهاڙين جي استعمال سبب هڪ ڌر جا ٽي ڀائر ربنواز ,اشرف علي ۽ محمد اڪرم جوڻيجو ۽ عورتن سميت ڏھ ماڻهون زخمي ٿيا جڏهن ته ٻئي ڌر جا سردار علي ۽ محمد شريف جوڻيجو زخمي ٿيا ٻئي پاسي بلوچ پاڙي ۾ لغڙ اڏائڻ تان ٻارن ۾ جهيڙو جيڪو وڌي وڃي مردن تائين پهتو جنهن ۾ هڪ ڌر ڊومڪي جا علي گل عبدالنبي رحيم علي نواز سردار ۽ ٻن عورتن سميت ست ۽ ٻئي ڌر ماهيوال مغيري جا محمد حسن صوبا خان منظور نظير ۽ هڪ ڇوڪري سميت پنج ماڻهو زخمي ٿيا. ٻنهي جهيڙن ۾ زخمين جو انگ 24 ٿي ويو. ***دادو مان ادل مهيسر موجب سيتالڳ چانڊيو برادري ۾ جھيڙو فائرنگ ۾ 2 عورتون سخت زخمي ٿي پيون.ٽنگ ۾ گولي لڳڻ سبب  35 سالا عورت پناھ خاتون زال اعظم چانڊيو سخت زخمي  ۽  ٻانھن ۾ گولي لڳڻ ڪري عورت نسيم زال دلشير چانڊيو به سخت زخمي، کين سول اسپتال دادو  ۾ داخلڪيو ويو جنهن کي رت گھڻو ضايع ٿيڻ سبب نوابشاھ ريفر ڪيو ويو.  *** ميرپور خاص مان سيدبشيرشاھ موجب ڳوٺ ڪڻڇاري جو رھواسي 17 ورھين جو اصغر پٽ غلام نبي نوھڙي ڪراچي جي توليا فيڪٽري ۾ ڪم ڪندي مشينري ۾ ڦاسڻ سبب ڪٽجي فوت ٿي ويو، وارثن موجب فيڪٽري انتظاميا جي لاپرواھي سبب اسان جا ڳڀرو نوجوان ڪٽجي مرن پيا، ھتي غربت ۽ بيروزگاري سبب ڪراچي وڃن ٿا، جتان موٽ ۾ لاش ملن ٿا، اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ***هڪ ٻئي واقعي ۾ ڳوٺ الا کائي ۾ 40 ورھين جو علي خان پٽ دلشاد کي السر جي تڪليف رھندي ھئي جيڪو فوت ٿي ويو. سندس ڀاءُ الزام هنيو آهي ته فوتي جو سندس زال سان اڪثر گھر ۾ جھيڙو ھلندو ھو اسان کي شڪ آھي ته السر واري دوا ۾ اسانجي ڀاڄائي زھر ملائي ڏنو آھي. پوليس ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد ڪاروائي ڪنداسين. ***ٺل مان عبدالنبي شيخ موجب شهيد الله بخش سومرو ڪالوني ۾ ڇتي ڪتي 11 ورهين جي نينگر غلام سرور ولد علي نواز ٻرڙو کي ڏاڙهي وڌو، ڇتي ڪتي نينگر کي ڄنگهه ۾ چڪي وڌو،جنهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو.***جيڪب آباد مان رپورٽر موجب ٽاور روڊ تي جکراڻي ۽ ٿھيم برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران ڌرين پاران فائرنگ ڪئي وئي جنهن سبب علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو پسٽل جو بٽ لڳڻ سبب عبدالحميد ٿھيم ۽ لٺيون لڳڻ سبب لال مير جکراڻي زخمي ٿي پيا اطلاع تي پوليس پھچي ٻن ڄڻن گل مير ۽ مير حسن جکراڻي کي گرفتار ڪري سٽي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، پورھيت عبدالغفور ٿھيم ٻڌايو ته 3 ڏينهن اڳ احسان جکراڻي ڇولا وٺي پئسا گھٽ ڏنا پورا پئسا گھرڻ تي ڇولا منھن ۾ ھنيا ھئا جڏهن ته ٻيھر دڪان تي 10 ڄڻا وٺي ڪاھ ڪري فائرنگ ڪئي ۽ منهنجي پٽ کي زخمي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو