نئين پاڪستان ۾ عوام کان اٽو، لٽو ۽ اجهو کسيو ويو آهي، بلاول

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 68 هين سالگره تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پرامن احتجاج جو هر ڪنهن کي حق آهي، ڪندا رهو، آئون به غلط هجان ته منهنجي خلاف به احتجاج ڪريو، اهو توهان جو حق آهي پر ڪنهن ٻئي کي پنهنجي محنت ۽ ڪردار کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏيو، هن قومپرستن جو نالو کڻڻ بدرساڻن مخاطب ٿيندي چيو ته هڪ ڪوشش ۽ سازش ڪئي پئي وڃي ته توهان کي دهشتگرد قرار ڏنو وڃي. جيئن اسان کي غدار چيو پيو وڃي تيئن توهان کي غدار قرار ڏيڻ جي سازش آهي. هو چاهين ٿا ته سنڌ جا نوجوان جيڪي پنهنجي حق لاءِ احتجاج ڪرڻ ڄاڻن ٿا تن جي سڃاڻپ دهشتگردن واري هجي. اسان ڪنهن کي به الطاف حسين واري سياست واپس آڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اسان ڪنهن هڪ ڀاءُ کي ٻئي سان وڙهڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اسان جي ذميواري آهي، سنڌ پرامن صوبو آهي، پوري پاڪستان جو عوام هتي رهي ٿو، ڪم ڪن ٿا، اسان کي اهڙا اپاءَ وٺڻا پوندا ته جن کي ورغلايو وڃي ٿو تن کي صحيح رستي تي آندو وڃي.

Photo Screen shot

ڏٺو وڃي ته ڪهڙي طريقي سان عوام کي سندن حق ۽ سڪون فراهم ڪري سگهجن ٿا، سنڌ ۾ محرومي جو احساس آهي، اهو ڪنهن هڪ ريئل اسٽيٽ منصوبي نه پر ملڪ ۾ جيترا منصوبا آهن انهن لاءِ آهي. هن چيو ته نئين پاڪستان۾ عوام کان روٽي ڪپڙا ۽ مڪان کسيو پيو وڃي.، هن چيو ته عمران خان معاشي ترقي جي ڪيتري به دعويٰ ڪري پر اصل ترقي تڏهن ٿيندي جڏهن عوام کي مهانگائي مان رليف ملندو. هن چيو ته 1993 ۾ محترمه بينظير ڀٽو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو تصور ڏنو اسين ان مطابق ٿر ۾ وڏو انقلاب آندو آهي، هن چيو ته ڪو مڃي يا نه مڃي پر سنڌ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ هيٺ سڀني کان وڌيڪ ڪم ٿيا آهن. سنڌ اسمبلي ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ محترمه جي سالگره جو 68 پائونڊ وزني پيپلز پارٽي جي جهنڊي جي رنگ وارو ڪيڪ به ڪاٽيو ويو. بلاول، فريال ۽ وڏي وزير گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو.

پهنجو تبصرو موڪليو