سنڌجا وڌيڪ شهر ماڪڙ جي لپيٽ ۾، سکر۾ ڪنٽرول روم قائم، باقي خاموشي

ڪراچي( نمائندن وٽان) ماڪڙ ڏينهون ڏينهن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيزي سان ڦهلجي رهي آهي، فصلن جي تباهي تيزي سان جاري آهي پر سنڌ حڪومت جنگي بنيادن تي ازالي لاءِ هنگامي اپاءَ وٺڻ بدران ميٽنگ مٿان ميٽنگ ۽ سروي ڪري رهي آهي. چيف سيڪريٽري ڪمشنرز کي فوري اپائن لاءِ چيو ۽ ڪمشنرز دي سيز سان اجلاس پيا ڪن. خيرپور، نوشهروفيروز، گهوٽڪي، ڄامشورو، مٽياري بعد شهيد بينظير آباد ضلعي جي مختلف شهرن ۾ پڻ ماڪڙ پهچي وئي آهي فصل تباهه ڪري ڇڏيا آهن.

محمد نواز ناريجو موجب چونڊڪو ڀرسان ريگستاني ۽ پهاڙي بيلٽ ٻيرڙي وارو پير، کانڀڙي، لمب، کنبري تلاءُ، ڌونرڙين وارن تڙن مان ماڪڙ جا ڪٽڪ آبادي وارن علائقن ۾ پهچي ويا آهن جڏهن ته کينهواري، تجل ۽ چونڊڪو ۾ ترن، وونئڻن، جوئر، گوار ۽ ٻين فصلن تي ماڪڙ جي ٽولن  حملا ڪري فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا آهن.  

ماتلي جي مختلف ڳوٺن ۾ وڏي تعداد  ۾ مڪڙ پهچڻ شروع ٿي ويا , ماتلي جي ڳوٺ مبارڪ دستي , ڪالرو موري , پيرل موري ۾ پوکيل ووئڻڻ جي فصلن تي مڪڙن حملو ڪري ڏنو آھي مڪڙن جي حملي سان زميندارن ۾ مايوسي  ڇائنجي ويئي آھي  جڏهن ته مڪڙن جي حملي جون خبرون ميڊيا تي ھلڻ کان پوء به ماتلي انتظاميه مڪڙن جي حملي کان بچاء لاء ڪي به انتظام نه ڪيا آهن. هوڏانهن ڪمشنر سکر ماڪڙ تي ضابطي لاءِ آبادگارد جي سهولت لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪيا آهن.

سڪرنڊ مان راج ڪماراوڏ مطابق آس پاس جي علائقن ۾ مختلف زرعي فصلن تي ماڪڙ جو حملو ھزاين ايڪڙن تي بيٺل فصل کي نقصان، آبادگارسخت پريشان آهن. ماڪڙ گذريل رات سڪرنڊ جي محرانپور مجيدڪيريو ماڙي جلباڻي ماڙي سابقي نگرخان چانڊيو موريولاکو صابو راھو ۽ ٻين علائقن ۾ سن ۽ مانجھد جي علائقن مان پھچي فصلن تي حملو ڪري ھزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباھ ڪري رھي آھي ٻئي طرف يونين ڪائونسل جمال شاھ ۾ ماڪڙ ٻٻرن جي ھوڙي کي سخت نقصان ڪچي ۾ پاڇاٽي پوکيل ووئڻن جا فصل تباھ ڪري ڇڏيو، صابوراھو ۾ انبن جي باغ کي سخت نقصان پھچائي رھي آھي جڏھن ته ماڪڙ سبب آبادگارن پاران سخت ڳڻتي جو اظھار ڪندي علائقي ۾ اسپري ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آھي ٻئي طرف زرعي توسيع کاتي پاران علائقي ۾ سروي جو ڪم جاري آھي. *** شاهپور جهانيان مان اسد ٻگهيو مطابق سڄي سنڌ جيان ماڪڙن جا لشڪر شاهپور جهانيان ، گچيرو پراڻو ، مقيم ڏاهري ۽ ٻين ڳوٺن ۾ پهچي ويا ، ماڪڙن جي حملي سبب وونئڻ ، جوئر ، سانئون ، ڪمند سميت مختلف فصل توڙي گاهہ سخت متاثر ٿيڻ لڳا آهن ، ماڪڙ جو فصلن تي حملي سبب هارين توڙي زميندارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا ، ماڪڙ فصلن کي کائي چٽ ڪرڻ لڳي جنهن ڪري آبادگار سخت پريشان آهن،

آبادگارن عبدالفتاح ٻگهيو ، محمد يوسف آرائين ، ممتاز ڏاهري ۽ ٻين چيو تہ ماڪڙ جي حملي سبب فصلن کي لکين روپين جو نقصان پهچڻ لڳو آهي ، جنهن ڪري آبادگار سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ، هنن چيو تہ ماڪڙ جو فصل تي حملو زراعت لاء انتهائي هاڃيڪار آهي ، هنن سنڌ حڪومت ، زرعي ماهرين ، چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي آهي تہ فورن ماڪڙ جي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاء ڦوهارو ڪرايو وڃي.*** هوڏانهن سکر مان جئيرام داس موجب ڪمشنر سکر ڊويزن رفيق احمد ٻرڙو چيو آهي ته چيف سيڪريٽري سنڌ ڏينهن رات محنت ڪري ماڪڙ تي مڪمل ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ماڪڙ جي حملي ۽ اُن کان بچاءَ جي ورتل اُپائن ۽ حڪمت عملي طئي ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪمشنر سکر ڊويزن رفيق احمد ٻرڙو جي صدارت هيٺ سندس آفيس جي ڪانفرنس روم ۾ اعليٰ سطحي اجلاس به ٿيو، پر ڪٿي به اسپري شروع ناهي ٿيو. ان سلسلي ۾ ايڊيشنل ڪمشنر بينظير آباد به اجلاس سڏايو.

سنڌجا وڌيڪ شهر ماڪڙ جي لپيٽ ۾، سکر۾ ڪنٽرول روم قائم، باقي خاموشي” هڪ تبصرو

  1. رپڙي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ڳوٺ محمد لاڙڪ، لعل ڪنڀر ،مياڻي ،محمد حسن خواجہ ،شفيع محمد شاهاڻي، جاڙو ناريجو گلو سيال، خاندو ناريجو سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ پڻ ماڪڙ اچڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب آبادگارن سميت سمورن علائقي واسين ۾ هڪ خوف جي لھر ڇائنجي وئي آهي، اختيار ڌڻين کي اپيل ڪئي آهي ته جلد ڪارروائي ڪري نقصان کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو