سنڌ ۾ اڄ کان پوليو کان بچاءُ واري مهم شروع

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پوليو ايمرجنسي آپريشن سينٽر سنڌ طرفان سڄي سنڌ ۾ 30 نومبر کان 6 ڊسمبر تائين پوليو مهم  هلندي . پوليو مهم ۾ سنڌ جي 29 ضلعن ۾ 5 سالن کان ننڍي عمر جي 90 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا جنهن مان 20 لک کان وڌيڪ ٻار ڪراچي ۾ آهن.هن مهم دوران ڊبليو ايڇ او طرفان ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ سمورين احتياطي تدبيرن تي عمل ڪيو ويندو جنهن ۾ پوليو ورڪرز کي ماسڪ پائڻ ۽ مقرري کان اڳ بخار چيڪ ڪرائڻ، ٻارن کي سڌو سنئون نه سنڀالڻ، گهرن ۾ داخل نه ٿيڻ، گهر ڀاتين سان محدود وقت گذارڻ ۽ قلم يا ٺونٺ سان دروازي تي کڙڪو ڪرڻ شامل آهي.سنڌ جي اي او سي ترجمان موجب ڪورونا وائرس جي نتيجي ۾ مارچ کان جولاءِ تائين پوليو مهم نه هلائي ويندي پر آگسٽ کان ٻارن ۾ قوت مدافعت وڌائڻ جي لاءِ هر مهيني پوليو مهم هلائي پئي وڃي. جيڪڏهن اسان انهيءَ رفتار سان پوليو مهم جاري رکنداسين ته جلد ئي ان جا بهترين نتيجا سامهون ايندا. پوليو جهڙي بيمنارين کان بچاءُ جي ويڪسين جي ذريعي بچي سگهجي ٿو. ۽ اسان ان باري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا جا ٿورائتا آهيون. پاڪستان ۽ افغانستان دنيا جا ٻه ملڪ رهجي ويا آهن.جتي پوليو جا ڪيس اڃان به آهن.پاڪستان ۾ 2020 ۾ 81 پوليو ڪيس رپورٽ ٿيا جن مان 22 ڪيس سنڌ ۾ آهن.  پاڪستان پيڊياٽرڪ ايسوسيئيشن سڄي دنيا جي طبي ماهرن ۽ خطي جي وڏن ديني اسڪالرز کي به پوليو ويڪسين جي حق ۾ ڳالهيون ڪندي ڏٺو آهي. جيڪو نه صرف پوليو کان بچاءُ پر ماحول مان ان جي خاتمي جي لاءِ به سڀني کان محفوظ ۽ بهتر طريقو آهي. هن ويڪسين جون 10 ارب خوراڪون گذريل سال سڄي دنيا ۾ 3 ارب ٻارن کي ڏنيون ويون آهن جنهن جي نتيجي ۾ پوليو جي 10 ملين واقعن کان پاسو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو