سنڌ ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جاري، سيءُ وڌي ويو، سکر، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي، دادو، شهداڪوٽ، ڀٽ شاهه، ڪوهستان ۽ ٻين علائقن ۾ به برسات بعد ٿڌ ۾ واڌ، موسميات کاتي موجب 26 ۽ 27 نومبر تي ڪراچي ۾ تيز هوائون گهُلڻ سبب ٿڌ ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيندو، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ وسڪاري کانپوءِ شهرين گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ ڪري ورتو. لنڊا بازار جو مال وڪڻندڙن جا وارا نيارا ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو