سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن جون ڀرتيون ۽ عدالتي حڪم

ليکڪ  سيد زوار حسين شاهه                            

ڪڏهن ڪڏهن غلط ڪيل ڪم ڳچي ۾ پوندا آهن اها چوڻي اسان جي بزرگن جي آهي ، ائين ئي سنڌ ۾ ٿئي پيو گذريل ڪئي سالن کان سنڌ حڪومت وڏي پلاننگ سان سنڌ مان بيروزگاري ختم ڪرڻ لاء ڪيترائي اهم فيصله ڪيا جنهن ۾ ٻيا به ڪيترائي هوندا پر مان عرض ڪيان ته جهڙي ريت نوڪريون ڏيڻ جو سلسلو سنڌ اندر وڏي خاموشي سان شروع ڪيو ويو هو اهو اسان جي اڳيان آهي ، مثال تعليم اندر استادن جي کوٽ کي مدي نظر رکندي استاد ڀرتي ڪيا پر مان عرض ڪندس ته قانون آئين مطابق انهن کي ڀرتي نه ڪيو ويو جنهن کان پوء انهن مٿان عذاب الاهي ٿي ڪري ڪرندو رهيو ڪڏهن ڪنهن نوٽيس ورتو ته خير نه ته ڪم هلندو رهيو برحال سنڌ حڪومت لاء ڪيترن ئي محاظن تي ظاهرن ڏکيائون به نظر اچي رهيون آهن جنهن کان پوء سنڌ حڪومت مٿان ڏکيو وقت نظر اچي رهيو آهي هاڻ ڏسڻو اهو اهي ته هو انهن  ڏکيائين کي ڪيئن منهن ڏين ٿا   سپريم ڪورٽ  پبلڪ سروس ڪميشن کان سواءِ گريڊ 16 کان مٿان ڪانٽريڪٽ آفيسرن کي مستقل ڪرڻ واري معاملي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواستن کي ٻڌڻ جي لاءِ  اجازت ڏئي ڇڏي آهي . عدالت سڀني ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري دليلن لاءِ طلب ڪري ورتو آهي .سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد،جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس قاضي امين تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي . چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي  چيو ته ڇا حڪومت آفيسرن جي تقرري ۽ ملازمت لاءِ ٻن مختلف طريقن کي اختيار ڪري رهي آهي؟ جسٽس اعجاز الاحسن  پنهنجي رماڪس ۾ چيو ته ان طريقي سان ته سڀاڻي ڪنهن کي به آفيسر بڻايو ويندو، آفيسرن کي ڪميشن کان سواءِ ڪيئن مستقل ڪري سگهجي ٿو. قانون کي باءِ پاس ڪندي حڪومت اهو قدم ڪيئن کڻي سگهي ٿي؟ جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اهو ته پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪندڙ آفيسرن سان امتيازي سلوڪ ٿيندو، اهڙي طريقي سان اهل ۽ نا اهل اميدوار ٻئي برابر هوندا. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته خدشو آهي ته پوري ملڪ ۾ سرڪاري آفيسرن جو خلا پيدا ٿي ويندو، سمورا صوبا پبلڪ سروس ڪميشن کان سواءِ ڪانٽريڪٽ آفيسرن کي مستقل ڪري رهيا آهن، اها پريڪٽس نه فقط سنڌ ۾ نه پر سڀني صوبن ۾ آهي ، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته اهو ڪيس اسلام آباد ۾ ٻڌڻ گهرجي ۽ سڀني صوبن کان راءِ طلب ڪئي وڃي. ميرٽ تي آفيسرن جي مقرري لاءِ هڪ خاص ڪميٽي ٺاهي وڃي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڪميٽي جي بدران اهي آفيسر پبلڪ سروس ڪميشن ڏانهن ڇو نٿا موڪليوا؟ پبلڪ سروس ڪميشن کانسواءِ ڪيترا آفيسر آهن جن کي ترقي ڏني وئي آهي، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 هزار آفيسر متاثر ٿيندا.جسٽس اعجاز الاحسن چيو اوهان هي ٺاهي ڇڏيو آهي ته پبلڪ سروس ڪميشن جي بغير هي مقرري ٿيندي .عدالت درخواستون ٻڌڻ جي لاءِ منظورڪندي سنڌهاءِڪورٽ جي ريگولرائزيشن ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ڪيترن ئي فيصلن کان بعد جيڪڏهن مان سنڌ حڪومت جي پوزيشن تي نظر رکندس ته اها به خبر پوندي ته هن وقت ڪيترن ئي ادارن م  نوڪريون ته ڏنيون ويون پر  مان سمجهان ٿو ته اڄ به اهي پگهار ن لاء ترسي رهيا آهن انهن کي پگهارون به ناهين مليون پر ڄڻ انهن کي ڪو آسرو به انهي ، ڪڙو سچ اهو آهي ته سنڌ اندر هن وقت به لکين بيروزگار اهن جن کي به وري هن بجيٽ سال 2021 2022 ۾  نوڪرين ڏيڻ ج آسرو ڏنو ويو آهي جڏهن ته ان کان پهريان به هزارين شاگردن کان آن لائين فارم ڀرائي ورتا  هڪ فارم جي يا هڪ پوسٽ جي  لاء چالان پن جمع ڪرايا ويا . برحال اهي وري ڪنهن حڪم تحت روڪيا ويا آهن  مان عرض ڪندس ته  پاڪستان م ٻيا به ڪيترائي اداره ڪم ڪري رهيا آهن پر جهڙي ريت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان زبردست قانوني ايڪشن وٺندي ڪيترائي اهم فيصله ڪيا جيڪي سنڌ حڪومت جي فيور ۾ ناهين اهڙي صورت هال ۾ جتي سپريم ڪورٽ آئيني اداره  اهو چوي ته توهان ڪراچي جو نالو صاف نه ٿا ڪري سگهو  صوبو ڪيئن هلائيندا ، مان عرض ڪيان ته اڃان به سنڌ حڪومت لاء ڏکيو وقت ايندو ، جڏهن ته ڀرتي ڪيل آء بي اي هيد ماسٽر جن کي سنڌ جي انهن اسڪولن ۾ ڀرتي ڪيو ويو جتي اسڪول بربارد ٿيل هيا اتي ايڇ ايم ايتري ته محنت ڪئي جنهن کان پوء هر هڪ انهن استادن جي محنت جي ساراهه پڻ ڪئي ، پر سنڌ حڪومت پڻ ايڇ ايم کي به تنگ ڪيو ويو جنهن بعد  آء بي اي جي ايڇ ايم  عدالت سڳوري جو دروازو کڙڪايو ،  جهڙي ريت  سنڌ حڪومت سنڌ جي مختلف ادارن م ڀرتيون ڪيون انهن مان ڪافي اهڙا اداره به آهن  جن ۾ ڀرتيون ته ڪيون ويون پر انهن مان ڪيترن ئي پگهارو به نه پئي ڏنيون ويون جنهن ۾ مان جيڪڏهن ڪيڊر استاد جن کي پگهارون به نه مليون پر مان عرض ڪيان ته هڪ ڳالهه ته آهي ته سنڌ حڪومت جيڪي به ڀرتيون ڪيون يا پبلڪ هيلٿ ڪميشن دوران  ملازمتون ڏنيون ويون  انهن کي به 2018 کان رد ڪيو ويو جڪي به مقرريون هيون انهن کي گهر ڀيرو ڪيو ويو جڏهن ته چيئرمين پبلڪ سروس ڪميشن سميت ٻين آفيسرن کي به معطل ڪري گهر ڀيرو ڪيو ويو،  هن وقت سنڌ حڪومت لاء امتحان شروع ٿي چڪو آهي ڏسڻو اهو آهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ڏنل تاريخي فيصلن تي سنڌ حڪومت ڪيئن ٿي عمل ڪرائي اهو به سنڌ حڪومت لاء امتحان آهي ، هن وقت جهڙي ريت سپرينم ڪورٽ اف پاڪستان جي ڏنل فيصلي بعد  سنڌ حڪومت هجي يا وفاق هجي عمل ڪري رهيا آهن جيڪڏهن هو پهريان انهن تي سوچين هان ، پاڪستان ۾ اسان ته اڪثر اهو به  ڏٺو آهي ٽه هڪ ئي ملڪ ۾ ٽي ٽي قانون لاڳو ٿيل آهن ، غريب لاء هڪ ته مڊل ڪلاس لاء ٻيو جڏهن ته امير لاء ٻيو پر جهڙي ريت سپريم ڪورٽ وفاق سميت ٻين صوبن کي قانون آئين يت هلڻ لاء بار بار هدايتون ڏئي رهي آهي ائين ڪڏهين پهريان ناهي ٿيو مان سمجهان ٿو ته هن وقت جهڙي ريت فيصله ٿي رهيا آهن عوام جي دلين تي حڪومت ڪن ٿا ، جيڪڏهن هاڻ به حڪومتن  جيڪي جمهوريت جمهوريت جا گيت ڳائي رهيا آهن  انهن کي عوام جي فلاح بهبود لاء ڪوششون وٺڻيون پونديون  ۽ سپريم ڪورٽ آئين قانون تي عمل ڪرائڻ لاء آخري حد تائين وڃي سگهن ٿا ان ڪري في الحال سنڌ حڪومت لاء امتحان شروع آهي مان عرض ڪندس ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي قابل احترام چيف جسٽس صاحب ان جي مڪمل تيم کي عرض ڪندس ته جن جن قانون آئين جي ڀڄڪڙي ڪئي آهي انهن خلاف به قانوني ڪاروائي جو مطالبو ڪيون ٿا ،  مان عرض ڪندس ته اهو تسليم ڪيون ٿا ته ڪافي  قانون جي خلاف ورزي پڻ ٿي آهي ، جن جن به خلاف ورزي ڪئي آهي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سميت بين ادارن کي به عرض رکندس ته جيڪڏهن پهريان کان ئي غلط ڪم نه ڪيو وڃي ها ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي اهڙو سخت فيصلو نه ڪرڻ گهرجي ها ، قانون سڀنن لاء هڪ جهڙو هئڻ گهرجي ، مان عرض ڪندس ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي بقا سلامتي لاء ڪم ڪري رهي آهي ،جنهن تي اسان فخر ڪيون ٿا.  zawarsaeen110@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو