سنڌ ۾ سخت حفاظتي انتظامن هيٺ پرائمري اسڪول کلي ويا

ڪراچي(نمائندن وٽان) سڄي سنڌ ۾ پرائمري اسڪول سخت حفاظتي انتظامن هيٺ کلي ويا، برسات متاثر ضلعن جي سوين اسڪولن ۾ پاڻي هجڻ سبب اڃا بند پيل آهن. سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ ٻارن ۽ استادن لاءِ سينيٽائيزر ۽ بخار چيڪ ڪرڻ بعد کين اسڪولن ۾ ڇڏيو ويو. سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ اسڪول کلڻ تي ٻارن ۽ والدين ۾ سرهائي. نوشهرو فيروز مان منظور ملڪ موجب ريجنل ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪولس غلام مجتبيٰ دايو ۽ ان جي ٽيم جا ضلعي نوشهرو فيروز جي مختلف اسڪولن ڪنڊيارو ۾ سپيريئر سٽي پبلڪ اسڪول،ھلال اسڪول ،آڪسفورڊ اسڪولنگ سسٽم ڪنڊيارو (فاطمہ فائونڊيشن) ڀريا ۾ پرنس اسڪول ،ڀرياروڊ ۾ اسٽار گرامر ۽ ھلاڻي ۾ ايجوڪيٽر ۽ ٻين اسڪولن جا اوچتو دورا ڪيا، ايس او پيز تي سختي سان هدايتون جاري،اسڪولن جي انتظاميا جي ساراھ ان موقعي تي شاگردن توڙي استادن کي احتياطي تدبيرن بابت ڄاڻ ڏني

ان موقعي تي اسڪولن جي پرنسپالن پاران ريجنل ڊاريڪٽر پرائيويٽ اسڪولس غلام مجتبا دايو صاحب کي ٻڌايو ته شاگردن کي هن وبائي بيماري ڪرونا وائرس بابت ھر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي آهي جنھن ۾ ڪلاسز ۽ ھالن ۾ آگاهي ڏيندڙ پوسٽرس لڳايا ويا آھن استادن ۽ شاگردن کي سختي سان ماسڪ پائي اچڻ ۽ سينيٽائيزر سان ھٿ ڌوئڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي ۽ اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ٽيمپريچر چيڪ ڪيو پيو وڃي ۽ ڪلاسن ۾ سماجي وٿي سميت ھر احتياطي تدبيرن کي يقيني بڻايو پيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو