سنڌ ۾ حادثا ۽ واقعا 5 فوت 8 زخمي، ريل پٽڙي تان لهي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيش آيل حادثن ۽ واقعن ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 8 ڄڻا بيا زخمي ٿي پيا. ريل پٽڙي تان لهي وئي پر ايمرجنسي بريڪ سبب وڏي نقصان کان بچي وئي. شادي نه ٿيڻ تي جوڙي جي خود ڪشي، ڇوڪرو بچي ويو پر ڇوڪري فت ٿي وئي.***اوٻاوڙو مان غلام علي رند موجب موٽر وي تي مريد شاخ وٽ ڪار ۽ ٽرڪ جي ٽڪر جي نتيجي ۾ سرگوڌا جا رهائشي 2 نوجوان موقعي تي فوت 3 ڄڻا سخت زخمي فوتين ۽ زخمين  کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.*** مبارڪپور مان قربان مهر موجب دلمراد ٿاڻي جي حد ڳوٺ شمبو بروهي  ۾ موٽر سائيڪل سوار ريلوي ڦاٽڪ ڪراس ڪندي سامهون ايندڙ ٽرين جي ٽڪر ۾  47 سالا خدابخش خاراني، چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. 

سندس 15 ورهين جو پٽ ارشاد علي خاراڻي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو. ماڻهن احتجاج ڪري ريل بيهاري ڇڏي.*** ٽنڊومستي مان نادر علي اڄڻ موجب لاڙڪاڻو باءِ پاس تي حادثو، ڊاٽسن جي موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر سبب 2ڄڻا عرفان علي سولنگي ۽ رضوان سولنگي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو ويو ڊرائيور ڊاٽسن سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو زخمي ڊيرامراد جمالي بلوچستان جا ٻڌايا پيا وڃن اڃان تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. *** ميرپورخاص مان بشير شاهه  مطابق سيٽلائيٽ ٽائون جا رھواسي 2 معصوم ٻار جرواري شاخ ۾ وھنجندي ٻڏي ويا. ٻارن جي رڙين تي علائقي واسين پھچي نعمان راجپوت کي بچائي ورتو  جڏهن ته 15 ورھين جو معصوم عبدالرئوف عباسي ٻڏي فوت ٿي ويو ***ڇاڇرو مان عبدالباسط رند موجب ڳوٺ سوائي ڪولهي ۾ پسند جي شادي نه ٿيڻ تان 24ورهين جي ليلا ڪولهي ۽ 25ورهين جي منجي ڪولهي کوھ ۾ ٽپو ڏنو جنهن سبب ناري ليلا ڪولهي فوت ٿي وئي ۽ منجي ڪولهي کي بيهوشي جي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري جو لاش ۽ بيهوش نوجوان کي کوھ مان ڪڍائي ڇاڇرو اسپتال آندو. *** سيٺارجا مان سجاد علي ڪٻر موجب ڪراچي کان لاهور ويندڙ ملت ايڪسپريس وڏي حادثي کان بچي وئي.

مسافرن ۾ ريل پٽڙي تان لهڻ سبب ڪيهاٽ پئجي ويا، اسٽيشن تي ريل جي 6 نمبر بوگي اوچتو پٽڙي تان لهي وئي جنهن دوران ڊرائيور ايمرجنسي بريڪ هڻي وڏي حادثي کان بچائي ورتو. ٻه ڪلاڪ گذرڻ باوجود مسافر سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ لڳا مقامي ماڻهن پاران ڪابه امدادي مدد نه ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو