‘سنڌ ۾ تيل جي پيداوار لاءِ 5 نون بلاڪن جي نشاندهي ٿي آهي’

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير عمر ايوب سينيٽ ۾ جواب داخل ڪرائيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ نه لوڊشيڊنگ آهي ۽ نه ئي بجلي جي پيداوار ۾ کوٽ آهي. ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا پنهنجي سسٽم تي گهربل سيڙپڪاري نه ڪئي آهي، ڪراچي وارن جي طلب 3400 ميگا واٽ آهي.ڪراچي لاءِ ايل اين جي پلانٽ ايندڙ سال اچي ويندو ۽ هو گيس تي وڌيڪ بجلي پيدا ڪري سگهندا. وفاقي وزير عمر ايوب سينيٽ ۾ ڳالهائندي چيو آهي ته ماضيءَ جي حڪومتن بجليءَ جي ورڇ واري نظام تي ڌيان نه ڏنو هو، ملڪ ۾ هن وقت 8 هزار 880 فيڊرز مان 20 سيڪڙو فيڊرز تي نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هن ٻڌايو ته ماضي جي حڪومتن ۾ 1800 ميگا واٽ بجلي فراهم ٿيندي هئي اسين 23هزار ميگا واٽ فراهم ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ بجلي جي ٽرانسميشن لائنز تي ڪم نه ٿيو هو رڳو بجلي پيدا ڪرڻ تي زور رهيو. هن چيو ته گذريل حڪومت جي ڀيٽ ۾ موجوده حڪومتي دور ۾ بجليءَ جو بريڪ ڊائون گهٽ ٿيو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت بجليءَ جي نظام کي بهتر بڻائي ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي ڪارڪردگي جي بُنياد تي عوام ڏانهن ويندي. پيٽروليم واري وزارت طرفان پيش ڪيل جواب ۾ هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هن وقت 38 تيل ڳولڻ وارين ڪمپنين کي لائسنس جاري ٿيل آهن. 2013 کان 2018 تائين ملڪ ۾ تيل ۽ گيس جي ڳولا لاءِ 561 کوهه کوٽيا ويا. سنڌ ۾ تيل جي حصول لاءِ 5 نون بلاڪن جي نشاندهي ڪئي آهي جتي وڌيڪ ڪم لاءِ سيڪورٽي ڪليئرنس تي ڪم هلي پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو