سنڌ ۾ تعليمي ادارا 8 آگسٽ تائين بند رهندا، سعيد غني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ سمورا تعليمي ادارا 8آگسٽ تائين مڪمل بند رهندا، هن وقت ڪراچي شهر ۾ ڪورونا جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. سعيد غني وڌيڪ چيو ته 8آگسٽ کانپوءِ صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، جنهن بعد وڌيڪ ڪو فيصلو ڪيو ويندو. ياد رهي ته سنڌ جو هي اعلان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن شفقت محمود ملڪ ۾ تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ 50 سيڪڙو شاگرد هڪ ڏينهن ۽ باقي ٻئي ڏينهن ايندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو