سنڌ ۾ بارش سبب فصل تباهه، سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جيان ٺٽو، سجاول، بدين، ٽنڊو محمد خان، ميرپور خاص ۽ لاڙ وارن اڪثر علائقن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي. ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن، ايل بي او ڊي جو گهارو ويڪرو ٿي ويو، هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل متاثر ٿيا آهن ۽ خلق پريشان آهي ۽ انتظاميه غائب آهي. ****ٺٽو مان جاويد لطيف ميمڻ موجب جنگشاھي ويجھو جابلو علائقن کان ايندڙ برساتي نئين توڙي نالن ھاليجي ڍنڍ ڀرسان ڪيترن ئي ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو، مقامي ماڻھن جانيون بچائي روڊ، رستن تي پناھ وٺي ڇڏي، ڳوٺ صديق ميربحر، ڳوٺ عاري ميربحر، ڳوٺ حاجي ميربحر ۽ ٻين ڳوٺن جي ڪيترن ئي برسات متاثرين مڪلي تي ڍولير ميربحر، رمضان عرس، عاري، محمد حسين، پيرڏنو، جاڙو، امام بخش ميربحر جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته تازو پيل برساتن سبب ڪوھستاني جابلو علائقن کان وھي ايندڙ جنگشاھي نئين سميت مختلف برساتي ڍورن جي پاڻي سندن ڳوٺ مڪمل پاڻي ۾ ٻوڙي ڇڏيا آھن.

Photo Sindhyar

جنھن ڪري ھو رڳو جانيون بچائي ٻاھر روڊن، رستن تي پھچي پناھ ورتي آھي، جنھن ڪري کين ڪافي نقصان پھتو آھي، پر ڃان تائين سندن ڪنھن به سار ناھي لڌي، ھنن چيو ته سندن اڪثر ڪچا گھر پاڻي سبب ڊھي ويا آهن ڳوٺن ڀرسان قائم قديمي درگاھ امير شاھ جيلاني کي برساتي پاڻي کان بچاء لاء بچاء بند نه ھجڻ ڪري برساتي پاڻي درگاھ جي چوديواري کي ڪافي نقصان پھچايو آھي. ھنن گھر ڪئي ته سندن ڳوٺن مان برساتي پاڻي جو نيڪال ڪرائي سندن ڳوٺن کي برساتي پاڻي کان بچاء لاء بچاء بند ڏياري سندن ٿيل نقصان جو ازالو ڪرائي سندن واھر ڪئي وڃي.****دڙو مان شوڪت ميمڻ موجب ميرپوربٺورو تعلقي ۾ برساتن تباھي مچائي ڇڏي. ٻن ٽائون ڪميٽين دڙو, ميرپوربٺورو ۽ 12 يوسيز جي 66 ديھون برساتي پاڻي ۽ سم نالن جي گندي پاڻي ھيٺ اچي ويون. ھزارين ايڪڙ زرعي زمينون 50 کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ 10 قديمي قبرستان برساتي پاڻي ھيٺ اچي ويا. مختلف علائقن ۾ پاڻي بيھڻ سبب ڳوٺاڻن جي شھرن تائين رسائي نه ٿيڻ ۽ علاج جو سھولتون نه ھئڻ سبب نانگ ڪکڻ جي نتيجي ۾ 3 ڳوٺاڻان فوت.

Photo Sindhyar

برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب ڳوٺن ۾ معاشي تنگي وڌڻ جا خطرا پڻ وڌي ويا. سنڌ حڪومت پاران چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن تي جوڙيل ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ ڪميٽي ڪوبه ٻوٽو نه ٻاريو. گڏ ڪيل ڄاڻ موجب سجاول ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ انساني آبادي ۽ زراعت جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ اپت ڏيندڙ وڏي تعلقي ميرپوربٺورو جي ٻن ٽائون ڪميٽين دڙو, ميرپوربٺورو ۽ 12 يونين ڪائونسل ٻنون, حسين پور, لائقپور, بچل گگو, اڪبر شاھ, جھوڪ شريف, ڪنڊور, درياھ خان سوھو, مھر شاھ, دڙو ۽ ٻين يوسيز جي 66 ديھن مان 50 کان وڌيڪ ديھون اڃا تائين برساتي ۽ سم نالن جي گندي پاڻي ھيٺ آيل آھن. جنھن سبب ڄاڻايل يوسيز ۾ ھزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل, ڪمند, ساريال, ڪيلو, ڦٽيون, ٽماٽا, مرچ ڀاڄيون ۽ ٻيا فصل مڪمل طور ٻڏي ويا آھن. جڏھن ته برساتن سبب متاثر ٿيل ڳوٺن ۾ ڳوٺ رتو لاشاري, ڳوٺ پير محمد ڀنڀرو, ڳوٺ احمد لنڊاڻ, ڳوٺ عمر جاکرو, ڳوٺ ابن لاشاري, ڳوٺ بابو لاشاري, ڳوٺ ڪريم ڏنو خاصخيلي, ڳوٺ عبدالله لاشاري, ڳوٺ روحل لاشاري, ڳوٺ الھڏنو ملاح, ڳوٺ محمد سھتو, ڳوٺ دلمراد جاکرو, ڳوٺ عبدالله پنڃارو, ڳوٺ نور محمد پنڃارو, ڳوٺ سومار لاشاري, ڳوٺ علي بحر ملاح, ڳوٺ شيدو جاکرو, ڳوٺ سھراب لاشاري, ڳوٺ بچل جماري, ڳوٺ ڪارو لاشاري, ڳوٺ محمد لاشاري, ڳوٺ الھبچايو ٻاٻڙو, ڳوٺ گلي ٻاٻڙو, ڳوٺ فتع محمد شورو, ٻجورا يوسي جو ڳوٺ عبداالله سوڍو, واليشاھ سميت 50 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ اڃا تائين برساتي پاڻي بيٺل آھي.

Photo Sindhyar

دڙو کان ڪوٽ عالمون, رانٽا ۽ ٻين ننڍن وڏن ڳوٺن ڏانھن ويندڙ روڊ برساتي پاڻي ھيٺ ھئڻ سبب انھن جو اڃا تائين شھرن سان زميني رابطو ڪٽيل آھي. دڙو جي پير ڦل قبرستان سميت 10 کان وڌيڪ قديم قبرستانن ۾ اڃا تائين پاڻي بيٺل آھي. سوين قبرون ڪرئي ڊھي ويون آھن. مختلف ڳوٺ زرعي زمينون, روڊ رستا ۽ قبرستان پاڻي ھيٺ ھئڻ سبب علائقن ۾ معاشي تنگي پيدا ٿي ويئي آھي. جڏھن ته ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ علاج جون سھوتون نه ھئڻ ڳوٺاڻن جي شھرن ڏانھن رسائي نه ھئڻ سبب نانگ ڪکڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ رتو لاشاري ۾ 32 سالن جو جمن لاشاري, 28 سالن جي رحمت ۽ ڳوٺ احمد لنڊاڻ ۾ 11 سالن جو شمن لنڊاڻ پنھنجون حياتيون وڃائي ويٺا آھن. ان کان علاوه ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي بيھڻ سبب مليريا, ڪاري ڪامڻ سميت مختلف موذي بيمارين مبھن ڪڍيو آھي. ٻئي طرف سنڌ حڪومت پاران برساتن ۽ ٻين قدرتي آفتن کي منھن ڏيڻ ۽ متاثر ٿيندڙ ماڻھن جي واھر ڪرڻ لاء مختلف صوبائي وزيرن, ايم اين اي, ايم پي اي صلاحڪارن سميت ڪامورن تي مشتمل ڊسٽرڪت ڊزاسٽر مينيجمينٽ ڪميٽيون جوڙيون آھن. پر افسوس سجاول ضلعي ۾ اھي صرف فوٽو سيشن تائين محدود ثابت ٿيون آھن. يونين ڪائونسل لائقپور جي ڪائونسلر لطيف شورو, يوسف ساروٺيو, وفا مشتاق لاشاري, غلام نبي عباسي ۽ ٻين پيل برساتن ۽ سم نالن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب آيل تباھين بابت ڳالھائيندي چيو ته لائقپور يونين ڪائونسل جون چارئي ديھن سميت ڀر پاسي جي مختلف يوسيز ۾ انتظامي نااھلي سبب برساتي پاڻي ۽ سم نالن جي اٿل وڏي تباھي برپا ڪئي آھي.

Photo Sindhyar

ابڙال شھر ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن جو اڃا تائين شھرن ۽ ڳوٺن سان زميني رابطو ڪٽيل آھي. قديم قبرستان عبدالله شاھ ۽ گرلز توڙي, مڊل ۽ پرائمري اسڪولن ۾ 4 کان 5 فٽ پاڻي بيٺل آھي. يوسي حسين پور جي ڳوٺ رتو لاشاري جي وفا چندن لاشاري, اقبال لاشاري, سلطان لاشاري چيو ته چنڊيل نمائيندن ۽ انتظاميا اڃا تائين اسانجي ڪابه واھر نه ڪئي آھي. ديهه ڪوتڪيا ۾ 50 کان وڌيڪ گھر ڪري پٽ ٿيا آھن. آباديون تباھ ٿي ويون آھن. ڳوٺ پير محمد ڀنڀرو جي علي اڪبر ڀنڀرو, اشرف ڀنڀرو ۽ ٻين چيو ته ديهه لائقپور جي فور ايل سم نالي پوري علائقي ۾ تباھي برپا ڪري ڇڏي آھي. ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آھي. سجاول ضلعي جي انتظاميا اڃا تائين اسانجي ڪابه مدد ناھي ڪئي. جنھن سبب بي يارومددگار آھيون.****ٽنڊو غلام حيدر مان ميرحسن رندموجب يونين ڪائونسل مويا غلام شاه باگراڻي ڀرسان  سم نالو ابتو وهڻ سبب مقامي رهواسين جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو ڪنهن به وقت اضافي برسات پوڻ ڪري سم نالي جا ڪپر ڪمزور هجڻ سبب مويا شهر سميت ڀرپاسي جا سوين ڳوٺ ٻڏڻ جا چٽا امڪان ظاهر انتظاميه جي مجرماڻي خاموشي ڪنهن به وقت وڏي جاني ۽ مالي نقصان جو جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي؛ مقامي رهواسين جون ڳڻتي ۾ ننڊون حرام ٿي ويون جڏهن ته گذريل ڪجه ڏينهن کان وسندڙ برسات جي ڪري تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جا ڪافي علائقا گهرن فصلن سميت وڏي تعداد ۾ متاثر هجڻ ڪري تعلقي جي سموري عوام سخت پريشانين ۾ مبتلا ٻهراڙي واري شهرن علائقن مان لاڳاپيل انتظاميه لا تعلق بڻيل ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن؛  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جا سمورا شهر روڊ رستا گهر؛ گهٽيون اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب پاڻي ۾ ٻڏل آهن ٻي طرف ٽنڊو غلام حيدر جي سڀ کان ڳتيل آبادي واري يونين ڪائونسل مويا غلام شاه باگراڻي شهر جي پي پي ايڇ آئي جي صحت مرڪز اڳيان برساتي ۽ گٽر نالن وارو گندو  پاڻي وڏي مقدار ۾ جمح ٿي ويو جنهن سبب مويا شهر جي رهواسين سميت پسگردائي وارن علائقن مان بيماري سبب علاج لاء ايندڙ  ماڻهن کي ڳنڀير مشڪلاتون درپيش اچڻ لڳيون يونين ڪائونسل انتظاميه به اهڙي سنگين مسئلي تي ڪا دلچسپي نه ورتي ٻي طرف مويا جي ڀرپاسي کان وهندڙ سم نالي جي نالي ماتر کاٽي ٿيڻ ڪري مقامي مسڪين آبادگارن جا پوکيل ساريالي فصل پڻ پاڻي هيٺ اچي ٻڏي ويا ان سلسلي ۾ آبادگارن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مويا شهر جي ڀرپاسي کان وهندڙ ابتو سم نالو هتان جي زميندارن توڙي ڳوٺاڻن لاء وڏو عذاب بڻجي ويو آهي جڏهن ته اهڙي خطرناڪ سم نالي جي ڪنڌين ۽ پاسن تي سالن کان ڪيترائي ڳوٺ آباد آهن جن ۾ جتوئي؛ رند؛ باگراڻي؛ مهيري؛ چانڊيا؛ سيد؛ ذاتين سميت وڏي عرصي کان ماڻهو زيري آباد رهڻ ڪري هن وقت وڏين مصيبتن کي منهن ڏيئي رهيا آهن جيتوڻيڪ ساڳئي سم نالي 2010 واري مها ٻوڏ ۾ به ٽٽڻ ڪري هزارين ايڪڙ زمينون ۽ ڪيترائي سوين گهر پڻ پاڻي جي لپيٽ ۾ آڻي ٻوڙي ڇڏيا هئا جنهن جي ڪري هن وقت به حاليہ برساتي سسٽم جلد ختم نه ٿيڻ جي صورت ۾ ابتو وهندڙ  سم نالو ٻيهر خطرناڪ ثابت ٿي ڪروڙين روپين سميت وڏو نقصان ڪار بڻجي سگهي ٿو ان لاء وزير اعلي سنڌ سميت اعلي اختيارين ۽ لاڳاپيل انتظاميه کان پرزور مطالبي جي گهر ڪجي ٿي ته اهڙي خطرناڪ سم نالي جو فوري طور جائزو وٺي وڌيڪ جاني توڙي مالي نقصان کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو