سنڌ ۾ افغانين جي آمد جو سلسلو ڪيستائين هلندو؟

ليکڪ  حسن ناز سومرو

سنڌ ۾ ڌارين جي آمد جو سلسلو بند ٿي نہ سگهيون ۽ ھر ايندڙ ڏينھن تي ڌاريا سنڌ ۾ داخل ٿي ڪري سنڌ جو امن امان خراب ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھن، سنڌ پنجاب بارڊر ھجي يا پاڪ افغان بارڊر ھجي، ايراني بارڊر ھجي يا سنڌ بلوچستان بارڊر ھجي جتان بنا ڪنھن روڪ ۽ ٽوڪ جي ڌاريا سنڌ ۾ ڪٽڪن جي شڪل ۾ داخل ٿي رھيا آھن ۽ اسان جا سنڌي مسلمان ڀائر اڄ بہ مسلمان مسلمان جو ڀاءُ آھي چئي ڪري انھن کي جيءَ ۾ جايون ڏيئي رھيا آھن، ڪڏھن مسلماني جي آڙ ۾ تہ ڪڏھن سمورا پاڪستاني ڀائر آھيون جا نعرا ھڻي سنڌ جو ٻيڙو غرق ڪرڻ جي جدوجھد وڏي تيزي سان ڪئي پيئي وڃي سنڌ ۾ ڪڏھن تبليغ جي بھاني تہ ڪڏھن واپار جي بھاني سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ افغاني ۽ پاڪستان جي مختلف صوبن جا ماڻھو سنڌ ڏانھن رخ ڪري سنڌي ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪرڻ لاءِ سنڌ اندر وڏي پئماني تي داخل ٿي رھيا آھن.

   ھڪ طرف سنڌ جي عوام سنڌ ۾ رھندڙ بين الاقوامي ۽ بين الاصوبائي ماڻھن کي ڌڪي ڪڍن جو مطالبو ڪري رھي آھي تہ ٻئي طرف ڌاريا پنھنجو اثر رسوخ استعمال ڪري ڌرتي ڌڻين کي بيدخل ڪري رھيا آھن، ھن وقت پوري سنڌ ۾ ڌاريا داخل ٿي رھيا آھن ۽ ڪراچي کان وٺي ڪمون شھيد تائين جڏھن تہ ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين وڏي تعداد ۾ پٺاڻ، پنجابي ۽ بلوچ سنڌ تي ڪاھ ڪري رھيا آھن پر سرڪار پاران ڪي بہ جوڳا اپاءُ نہ پيا ورتا  وڃن.  ھن وقت ڪراچي کان پوءِ سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شھر حيدرآباد ۾ بہ وڏي تعداد ۾ ڌاريا داخل ٿي رھيا آھن ھن وقت حيدرآباد جي ھر علائقي ۾ توھان کي افغاني پٺاڻ نظر ايندا ڪنھن وقت ۾ مھاجر پنھنجي طاقت جو مظاھرو ڪندي انھن کي پنھنجن علائقن ۾ واپار ڪرڻ جي بہ اجازت نہ ڏيندا ھئا پر اڄ حيدرآباد جي مک علائقي لطيف آباد يونٽ نمبر 8 ۾ بہ پٺاڻن پنھنجا ڪاروبار شروع ڪري ڏنا اھن ۽ ڪجھ ئي ڏينھن ۾ اھي افغاني پٺاڻ انھن مھاجرن کي اھڙي تہ سيکت ڏيندا جو مھاجرن کي سنڌين وارو وير تہ وسري ويندو پر پٺاڻن کان جان آجي ڪرائڻ بہ مشڪل ٿي پوندو.

ھن وقت ڪراچي کان پوءِ حيدرآباد ۾ ڏينھون ڏينھن ڌارين جي آبادگاري وڌي رھي آھي ۽ اھي ئي افغاني پٺاڻ پلاٽن جي ڏيتي ليتي سان گڏوگڏ چرس، آفيم، ھيروئن، وياج خوري ۽ اسلحي  جو ڪاروبار سرعام ڪري رھيا آھن ۽ ڏتڙيل سنڌي ماڻھن کي لالچ ڏيئي انھن کي ڀائيواري جي نالي تي سھارو وٺي سنڌي قوم ۽ سنڌ ڌرتي جي تباھي جو سامان گڏ ڪري رھيا آھن.

ھن وقت حيدرآباد جي شھري آبادي جنھن ۾ ڪلاٿ مارڪيٽ، ھيرا آباد، ٽاور مارڪيٽ نسيم سينٽر، رسالا روڊ، گاڏي کاتو، جي او آر ڪالوني، وحدت ڪالوني قاسم آباد پورو علائقو، لطيف آباد جا سمورا يونٽ نيا پل جو سمورو علائقو پراڻي سبزي منڊي، بدين اسٽاپ، حالي روڊ کان علاوہ زيل پاڪ جي سامھون شاھ لطيف ڪالوني تي مڪمل پٺاڻن جو قبضو آھي جتي افغاني پٺاڻ نہ فقط پنھنجي عورتن کان غلط ڌنڌو ڪرائيندا آھن پر جوئا ۽ منشيات جو ڪم سرعام ڪندا آھن جڏھن تہ ھر مھيني باقاعدگي سان پوليس کي منٿلي پھچائي ڏيندا آھن ۽ اسان جي پوليس پنھنجا ڀڀ ڀري سنڌ ڌرتي جي تباھي جو سامان ڪٺو ڪرائي رھي آھي.

  سنڌ ۾ سڀ کان وڏو ڪلور اھو آھي تہ ھتي شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائل آساني سان ٺھي ويندا آھن ھتي ڌرتي ڌڻين کي تہ شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائل تمام مشڪل سان ٺھي ملندا آھن پر ڌارين جا ڊوميسائل پئسن جي عيوض وڏي آساني سان ٺاھيا ويندا آھن جنھن کان پوءِ اڄ سنڌ ۾ ھزارين ڌاريا سرعام نوڪريون ڪري رھيا آھن جڏھن تہ سنڌ جا نوجوان خالي ڊگريون کنيون رلندا ٿا وتن پر افسوس جو ڪا نوڪري نہ ٿي ملي.

سنڌ ۾ اڄ نيشنل ھاءِ ويز تي ڪمون شھيد کان ڪراچي تائين سمورا ھوٽل پٺاڻن جا آھن جڏھن تہ ٻين صوبن مان ايندڙ وڏا وڏا ڪوچ جن ۾ ماڻھو  گهٽ پر اسمگلنگ جو سامان وڌيڪ ھوندو آھي سو انھن جي پراپر طريقي سان تلاشي بہ نہ ورتي ويندي آھي ۽ پوءِ اھي پٺاڻ سنڌ ڌرتي جي تباھي جو سامان ساڻ ڪري سنڌي ماڻھن جي تذليل ڪندا وتندا آھن.

   ھن وقت سنڌ اندر ھر روز جي بنياد تي ڌايا داخل ٿي رھيا آھن ۽ پھريان تہ انھن کي سنڌ جي ماڻھن ئي سھارو ڏنو پر جڏھن انھن سنڌي ماڻھن جو پاڻي ڪڇي ورتو تہ ھاڻي ھو سنڌ جي ماڻھن سان ئي غنڊہ گردي ڪندي نظر اچي رھيا آھن.

ھن وقت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌي ماڻھن کان ڦرڪرڻ، ھٿيارن جي زور تي زبردستي دڪانن ۾ گهرڻ ۽ ھٿيارن جي زور تي سنڌي ماڻھن جي گهرن تي قبضو ڪري انھن کي بيدخل ڪرڻ جھڙا ڪم سرعام ڪري رھيا آھن، گذريل ڏينھن ڪراچي جي ھڪ علائقي ۾ ڪجھ پٺاڻن سنڌي ماڻھن جي دڪانن تان ڦر ڪئي تہ اھي سنڌي ماڻھو جڏھن پوليس اسٽيشن تي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ پھتا تہ پوليس اسٽيشن تي موجود عملو ايف آءِ آر ڪٽن بدران انھن سنڌي ماڻھن تي کلڻ لڳا جڏھن تہ فريادي بہ سنڌي ماڻھو ھئا تہ پوليس وارا بہ سنڌي ھئا پر انھن سنڌي پوليس اھلڪارن کي ذري برابر بہ شرم نہ آيو تہ ڌارين ماڻھن سنڌين کي ڦريو آھي تہ ڪا انھن جي داد رسي ڪجي پر افسوس اھڙن ڀڙون سنڌي پوليس اھلڪارن کان کٽ خالي ڀلي آھي انھن سنڌي پوليس اھلڪارن کي سنڌ لاءِ غيرت ڪانہ آئي ۽ ويتر ھڪ ڀڙوي ماڻھو جيان ڏند ڪڍي کلي رھيا ھئا  اھي سنڌي ماڻھو ائين بنا فرياد ڪرڻ جي واپس موٽي آيا سو جيڪڏھن اسان جي سنڌ جي پوليس مڙس ماڻھو ٿي پوي تہ جيڪر اھي ڌاريا سنڌ ۾ ھڪ پل بہ ترسي نہ سگهن پر افسوس جو اسان جي سنڌ جي پوليس رشوت گيري، ڀتاگيري ۽ ٻہ نمبري ڪم کان واندي ٿئي تہ سنڌ ڌرتي ڪو سک جو ساھ کڻي.

اڄ بہ اسان جي پاڪستان جا حساس ادارا ۽ سنڌ جا سمورا سرڪاري ادارا سنڌ کي ڌارين کان آزاد ڪرائڻ جو وچن ڪن تہ جيڪر اھو ڏينھن پري نہ آھي، جڏھن سنڌ ڌارين جي چنبي کان آزاد ٿي ويندي ۽ پوءِ سنڌ جا ماڻھو سکيا ستابا ٿي سگهن ٿا.

hassannazsoomrohyd@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو