سنڌ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز جي کوٽ 10 آفيسرن کي اضافي چارج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز جي کوٽ سبب 10 اسسٽنٽ ڪمشنرز کي ساڳين عهدن جي اضافي چارج ڏني وئي آهي. اضافي چارج ڏيڻ بابت سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه جي صحيح سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. هي سڀئي ايڪس پي سي ايس جا 17 هين گريڊ جا آفيسر آهن. نوٽيفڪيشن موجب اسدالله عباسي جيڪو ڪورنگي ۾ روينيو جو اسسٽنٽ ڪمشنر آهي تنهن کي ضلعي جي خالي عهدي جي به چارج ڏني وئي آهي. ٺٽو جي آصف رضا چانڊيو کي ڪيٽي بندر جي اضافي چارج ڏني وئي آهي. جڏهن ته محمد حنيف پتافي کي جاتي سان گڏ کاروڇاڻ، اسدالله کوسو کي بدين سان گڏ ٽنڊو باگو، ثناءُالله صدر کي ماتلي سان گڏ تلهار، فهيم لاکير کي پٿورو سان گڏ سامارو جي اضافي چارج ڏني وئي آهي. جڏهن ته محمد عثمان عبدالله کان خانڳڙهه جي اضافي چارج واپس وٺي ڏهرڪي سان گڏ گهوٽڪي جي اسسٽنٽ ڪمشنر جي اضافي چارج ڏني وئي آهي. اسدالله ڀٽي کي شهداد ڪوٽ سان گڏ ميرو خان، يار علي شاهه کي نصيرآباد سان گڏ سجاول جوڻيجو ۽ الله ڏنو چنا کي تنگواڻي سان گڏ ڪنڌڪوٽ جي اضافي چارج ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو