سنڌ ۽ پنجاب ۾ سي اين جي ۽ صنعتن کي گيس جي فراهمي بند

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۽ پنجاب ۾ سي اين جي اسٽيشنز کي گيس جي فراهمي معطل ڪئي وئي آهي جنهن سبب ٽرانسپورٽ جو بحران پيدا ٿي پيو آهي. سنڌ ۾ مسلسل ٽن ڏينهن کان گيس جر فراهمي بند آهي جنهن سبب بسن، رڪشن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي متاثر ٿيڻ سان عوام پريشان آهي. پنجاب ۾ سئي ناردرن خميس ڏينهن جنرل انڊسٽري، فرٽيلائيزر، مينوفيڪچرنگ ۽ سي اين جي کي گيس جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي. ڪمپني جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٿڌ ۾ اضافي سبب 60 لک گهريلو صارفين کي فراهمي يقيني بنائڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته زيرو ريٽيڊ انڊسٽري (جراحي آلات، اسپورٽس، ليدر ۽ ڪارپيٽ جي صنعتن) کي گيس جي فراهمي جاري رکي ويندي. سئي ناردرن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گذريل سال جي ڊسمبر جي ابتدائي 20 ڏينهن ۾ گيس جي فراهمي 1387 ملين ڪيوبڪ فٽ روزانو هئي جيڪا هلندڙ سال وڌي 1535 ملين ڪيوبڪ فٽ ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو