سنڌ ۽ پنجاب جي ريگستاني علائقن ۾ 1500 تلور آزاد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ابو ظهبي جي شيخ حمدان بن زيد پاران سنڌ ۽ پنجاب ۾ 1500 تلور پکي ڇڏيا ويا جيئن هن ناياب پکي جو نسل وڌي. گڏيل عرب امارتن ۾ تلور جي بريڊنگ فارم مان آندل هنن پکين مان 700 سنڌ جي ٿر ۽ 800 پکي رحيم يار خان ۾ ڇڏيا ويا. سنڌ وائلڊ لائيف جي تعاون سان مبارڪ فائونڊيشن پاران هي پکي ٿر جي ريگستان م ڇڏيا ويا جتي مقامي ماڻه جي شڪار تي پابندي آهي. شيخ حمدان پاران پنهنجي انهن سڪار گاهن جي آس پاس جي ماڻهن جي طبي ۽ راشن جي سهولتن جو به بندوبست ڪيو ويندو آهي.

Houbrabustard in Thar, Photo by Sindhyar

پهنجو تبصرو موڪليو