سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وسڪارو جاري، اڪثر شھر تلاءَ بڻجي ويا

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي ڏاکڻن علائقن سان گڏوگڏ سومر تي صبح جو اتر سنڌ جي ڪجھھ شھرن ۾ بھ وسڪارو شروع ٿي ويو آھي.سکر، روھڙي، صالح پٽ، ڪنڌ ڪوٽ، ڪشمور، گڊو، ڪرمپور، سانگھڙ، ڪوٽڙي، حيدرآباد، مير پور خاص، ٿرپارڪر، ڪلوئي سميت ڪيترن ئي شھرن ۾ وقفي وقفي سان بارش جو سلسلو ھلندڙ آھي.سپڪو جا 180 کان مٿي فيڊر ٽرپ ڪري ويا آھن.

Kaloi, Photo Sindhyar

ٿر ۾ واري جي ڀٽن جي آس پاس پاڻي بيھجي ويو آھي. ڪيترائي ڪچا گھر ڪري پيا آھن ۽ ماڻھو کلي آسمان ھيٺان ويٺا آھن. سانگھڙ شھر ۾ پاڻي تلاءَ جو ڏيک ڏئي رھيو آھي. ڊيرا بگٽي ۽ جعفر آباد ۽ نصيرآباد ۾ بھ بارش ٿي رھي آھي.

Tharparker, Photo Sindhyar

جعفر آباد ۾ گھر جي ڀت ڪرڻ سبب ھڪ عورت فوت ٿي وئي آھي. لاڙڪاڻو، خيرپور، نوشھروفيروز ۽ بينظير آباد جي ڪجھھ علائقن ۾ بارش ھلندڙ آھي. اسلام آباد ۾ بارش ھلي رھي آھي گھاٽا ڪڪر ڇائنيل آھن. راول ڊيم ڀرجي ويو آھي جنھن جا اسپل ويز کولي پاڻي گھٽ ڪيو پيو وڃي.***ٽنڊوباگو مان ڄام سھيل سمون موجب گذريل ڪلاڪن کان وقفي وقفي سان برسات جو تيز ۽ هلڪو وسڪارو جاري آھي.

Tando Bagho, Photo Sindhyar

نندو شهر لڳ ڳوٺ اوليا راڄسين ۾ گذريل رات برسات دوران گهر ڪرڻ سبب الهڏنو ملاح جو ستن سالن جو پٽ دٻجي فوت ٿي ويو۔ ٻئي پاسي برسات جي تيز وسڪاري سبب ٽنڊوباگو جي شاھي بازار، پراڻي مارڪيٽ، الله والا چوڪ، نيشنل بئنڪ کان ڏيئي چوڪ، ايم جي ايم مني اسٽيڊيم، ايم جي ايم هائير سيڪنڊري اسڪول، مونو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ، آئي ٽي ڊگري ڪليج، مين بوائز پرائمري اسڪول، مختيار ڪار آفيس، اي سي آفيس، ايريگيشن آفيس، ايگري ڪلچر آفيس، پوسٽ آفيس، اکين جي خيراتي اسپتال ايل آر بي ٽي، ايم جي ايم پبلڪ ميموريل لائبريري ۾ به پاڻي بيٺل آهي.

Photo Sindhyar

جانورن جي اسپتال، سول ڪورٽ ٽنڊوباگو، او پي ڊي تعلقه اسپتال، مصري شاھ قبرستان، بچل شاھ قبرستان، لوهاڻا هندو ڪميونٽي جو مساڻ، ڀيلن جو قبرستان ۽ هيٺاهين وارن علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي جمع ٿي ويو آھي۔ هوڏانن مواصلاتي نظام درهم برهم ۽ روايتي طور بجلي ڪيترن ئي ڪلاڪن کان غائب آھي.

Photo Sindhyar

پهنجو تبصرو موڪليو