سنڌ ۽ بلوچستان پاران جمعي نماز جي اجتماعن تي پابندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۽ بلوچستان حڪومتن پنهنجي پنهنجي صوبن م جمعي نماز جي اجتماعن تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي مشير مرتضيٰ وهان ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته صوبائي حڪومت اهڙو فيصلو سڀني مسلڪن جي عالمن سان مشاورت بعد ڪيو آهي. بلوچستان جي حڪومت به گذريل رات دير سان نوٽيفڪيشن جاري ڪندي جمعي نماز جي اجتماعن تي پابندي وڌي آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن صدر عارف علوي سان ملاقات ۾ حنفي فقي جي عالمن پابندي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو. صدر کين مصر جي قديمي الاظهر يونيويرسٽي جي فتويٰ ڏيکاري ته هنن چيو آهي ته وبا جي صورت ۾ باجماعت نماز کان پاسو ڪرڻ گهرجي. صدر کين ٻڌايو ته ڪعبو ۽ روضه رسول به بند آهن. جنهن تي شيعه ۽ اهل حديث وارن پابندي جو فيصلو قبول ڪيو هو پر حنفي مسلڪ جي عالمن انڪار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو