سنڌ ڪابينا ۾ 4 نوان وزير ۽ 2 صلاحڪار شامل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا ۾ 4 نون وزيرن حلف کڻي ورتو آهي. گورنر هائوس ۾ تقريب دوران سنڌ ڪابينا ۾ شامل چئن وزيرن ۾ سيد ناصر شاهه، عبدالباري پتافي، ڄام اڪرام ڌاريجو ۽ سهيل انور سيال شامل آهن. گورنر عمران اسماعيل کين  وزير طور حلف کڻايو ۽ وڏي وزير سوڌو صوبائي وزير ۽ سينئر آفيسر تقريب ۾ شامل هئا. ڪابينا ۾ شامل چئني وزيرن کي اڃا تائين نوان کاتا ڏيڻ جي حوالي سان باضابطا طور نوٽڪيشن جاري ناهي ٿيو. نون وزيرن جي شموليت بعد ڪابينا ميمبرز جو انگ وڌي 18 ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ڪابينا ۾ 2 نوان صلاحڪار به شامل ڪيا ويا وڃن جن ۾ نثار احمد کهڙو ۽ اعجاز شاهه شيرازي شامل آهن. جنهن بعد ڪابينا ۾ صلاحڪارن جو انگ 4 ٿي ويوآهي، اعجاز جکراڻي ۽ مرتضيٰ وهاب اڳ ۾ ئي صلاحڪار طور ڪم ڪري رهيا آهن. نون حلف کڻندڙ وزيرن ۽ صلاحڪارن کي گورنر ۽ وڏي وزير مبارڪباد پڻ ڏني آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو