سنڌ ڪابينا مان فوتي ڪوٽا تي ڀرتين جي پاليسي منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا فوت ٿيل سرڪاري ملازمن جي ٻارن کي نوڪري ڏيڻ لاءِ فوتي  ڪوٽا جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڊزيز ڪوٽا تحت فوت ٿي ويل سرڪاري ملازم جو ٻار ننڍي عمر جو آهي ته ٻن سالن اندر لاڳاپيل اداري کي آگاهه ڪرڻو پوندو، اُهو ٻار جيئن ئي 18 سالن جو ٿيندو ته ٽن مهينن اندر ڊزيز ڪوٽا تحت نوڪري لاءِ درخواست ڏيندو، فوت ٿيل غير شادي شده سرڪاري ملازمن جو ڀاءُ ۽ ڀيڻ ڊزيز ڪوٽا لاءِ اهل قرار، فوت ٿيل سرڪاري ملازمن جي پونيئرن جي مالي سهائتا لاءِ ڪميٽي قائم، صوبائي وزير امتياز شيخ، ڄام خان شورو ۽ وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ڪميٽي ۾ شامل، ڪميٽي فوتي ملازمن جي پونيئرن جي مالي مدد لاءِ جامع پيڪيج تجويز ڪندي، ڪابينا جي اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه سيڪريٽري فنانس کي هدايت ڪئي  ته اهڙو طريقيڪار جوڙيو وڃي، جنهن ۾ لاڏاڻو ڪري ويل ملازم جي پگهار، رٽائرمينٽ جي عمر تائين جاري رهي. ياد رهي ته ڪابينا ۾ ٿيل ڦير ڦار بعد هي پهريون اجلاس هو. وڏي وزير نون وزيرن ۽ مشيرن کي مبارڪباد ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پهرين جولاءِ کان شروع ٿيل مالي سال دوران 329 ارب 2 ڪروڙ روپيا ترقياتي بجٽ آهي، جنهن ۾ 222 ارب 50 ڪروڙ صوبائي اي ڊي پي، 30 ارب ڊسٽرڪٽ اي ڊي پي، 71 ارب 16 ڪروڙ فارين فنڊنگ ۽ 5 ارب 36 ڪروڙ وفاقي اي ڊي پي جا آهن. نئين سال ۾ 1646 جاري منصوبن لاءِ 138 ارب 38 ڪروڙ 40 لک خرچ ٿيندا، 38 ارب 70 ڪروڙ 60 لک روپيا جاري ڪيا ويا آهن. جن مان جولاءِ ۽ اگسٽ جي ٻن مهينن ۾ 8 ارب 17 ڪروڙ 30 لک خرچ ٿي چڪا آهن.وڏي وزير ڪابينا جي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته هو ذميواري سان ڪم ڪن ۽ ترقياتي ڪمن جي نگراني ڪن.ڪابينا پبلڪ فنانشل مئنيجمينٽ ريفارم اسٽريٽجي جي منظوري به ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو