سنڌ کان پاڪستان جي اترين علائقن جي سفر جو احوال

ليکڪ خالد ميمڻ
سنڌ جي سخت گرمي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول کان بيزار ٿي ٿڌن علائقن ڏانهن وڃي ڪجھ ڏينهن ٿڌ جو مزو وٺڻ ۽ سڪون واسطي 3 آگسٽ اڱاري جي ڏهاڙي پنهنجي سنگت سگا شاخ ڦل جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر رياض احمد چانڊيو,صحافي ماجد علي ميمڻ,صحافي,مجيب الرحمان وڳڻ,ڦل جي بهترين مشھور درزي شاهد ملڪ سان گڏ ڦل شھر مان تقريبن ستين وڳي صبح جو ناران,بابوسر ٽاپ,مري, اسلام آباد, راولپنڊي,لاهور,ملتان جي سفر تي ٻن ٽوڊي ڪارن تي نڪتاسين نوشھروفيروز مان منهنجي ڪلاس فيلو دوست پروفيسر عبدالرزاق سولنگي ۽ پروفيسر حماد الله تنيو ۽ ڀريا شھر مان پروفيسر قاسم علي ڀٽي کي کنيوسين هڪ گاڏي ۾ چار چار ڄڻا ٿي ويٺاسين ۽ سڌو هالاڻي جي سوهانا هوٽل تي صبح جو ناشتو ڪري اڳتي روانا ٿياسين جيڏي مهل سکر بائي پاس وٽ پهتاسين ته اتان وري روهڙي کان پاڪ چين جي طرفان ٺاهيل سي پيڪ روڊ تي سفر شروع ڪيوسين پهريان هالاڻي ۾ 2 هزارن جو ڪار ۾ پئٽرول وجهرايو هيوسين وري اتان ان روڊ جي شروعات وٽ پئٽرول تان 5 هزار روپين جو پئٽرول وجهرائي گاڏين جي تيل جي ٽانڪي فل ڪرائي ڇڏيسين ۽ اتان سي پيڪ روڊ شروع ٿيو جيڪو هڪ بهترين هاء فاء روڊ هيو ان روڊ تي چڙھڻ بعد ائين پئي لڳو ته اسان ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ سفر پيا ٿا ڪيون ائين اسان منجهند جي ماني لاء گاڏي کي ملتان انٽرچينج کان موڙو ڏئي ملتان شھر جي باء پاس تي شاه جي ريسٽورينٽ تي لهي پياسين جتي ٽول وارن 670 روپيا ٽول ٽيڪس ورتو ۽ اسان هوٽل تي لذيذ قسم جو مانجهاندو ڪري وري اڳتي جي سفر تي هلياسين ته ڊرائيور چيو ته پئٽرول ڀرائڻو آھي انڪري شورڪوٽ شھر جي انٽر چينج وٽان 200 روپيا ٽول واري کي ٽول ٽيڪس ڏئي ان شھر مان 5700 روپين جو پئٽرول ڀرايو سين ۽ وري اتان ئي سي پيڪ روڊ تان سفر شروع ڪيوسين سي پيڪ روڊ جي هر هڪ سئو ڪلوميٽر جي مفاصلي هڪ آرام گاه جي نالي سان اسٽاپ ٺھيل آھن جتي اوهان کي هوٽلون,پئٽرول پمپ,وڏا وڏا شاپ ۽ واش رومز جي سهولت ملي ٿي ائين اسان به هڪ آرام گاه تي لهي چانھ جو آرڊر ڏنو ڊرائيورن سميت اسان ڏه ڄڻا هياسين ڏه چانهين جو بل 1500 روپيا آيو مطلب ته في چانھ ڏيڍ سئو روپيا سا به پائوڊر واري چانھ هئي جيڪا تمام گهڻي مهانگي هئي.

Photo by writer

ان جو حل اسان اڳتي هلي اهو ڪڍيو ته جتي به چانھ وغيره جو موڊ ٿئي پيو ته ڪنهن به شھر جي انٽر چينج کان نڪري اتي وڃي شھر ۾ چانھ پڪوڙا بسڪيٽ پئي کاڌا جيڪي سستا عام رواجي قيمتن ۾ ملن پيا ۽ ائين اسان جڏهن راولپنڊي اسلام آباد پهچڻ وارا هياسين بس ٿورو پنڌ هيو ته زوردار برسات شروع ٿي وئي جنهن جي ڪري گاڏي جو سفر آھسته آھسته ٿيڻ لڳو ۽ اسان ان برساتي موسم جو مزو وٺندي راولپنڊي شھر ۾ ٽول وارن کي 900 روپيا ٽول ٽيڪس ڏئي داخل ٿياسين ۽ اسان پنج ڄڻا ماجد,مجيب,شاهد ملڪ,مان ۽ ڊرائيور راحيل ڪوري پنهنجي ڳوٺائي گلزار وڳڻ وٽ رات ترسياسين ۽ باقي پنج دوست به پنهنجي هڪ دوست وٽ وڃي رات ترسيا ۽ وري صبح جو سڀ دوست گڏياسين ۽ اسلام آباد گهمياسين جنهن ۾ لوڪ ورثا پاڪستان,پاڪستان مومينٽم,دامن ڪوه,شڪرپڙيان,فيصل مسجد وغيره اهي سڀ مشھور جايون گهمي ڦري منجهند جو ڪوه مري جيڪي اسلام آباد کان 63 ڪلوميٽر پري هئي ان طرف روانا ٿياسين ڪوه مري ويندي رستي تي ڪيترين جي جاين تي ڪار مان لهي موسم ۽ سرسبز نظارن جو مزو وٺندي تصويرون به ڪڍيوسين ۽ ائين سج لٿي کان بعد مري جي حدود ۾ داخل ٿي وياسين مري جي مال روڊ جي پي او چؤنڪ تائين پهچڻ لاء اڳيان ڪارن جي وڏي قطار هئي انڪري اسان ڪجھ دوست لهي پنڌ اچي هوٽل ۾ رهڻ لاء ڪمرو بوڪ ڪرايو جيستائين ڪمرو ورتوسين تيستائين گاڏيون به ويجهون پهچي ويون ۽ ائين اسان گاڏين ۾ چڙهي هوٽل جي ڪمري ۾ اچي سامان رکيوسين ۽ هٿ منهن ڌوئي ٻاهر رات جي ماني کائڻ ۽ مري جو مشھور مال روڊ بازار گهمڻ نڪري پياسين ان رات مڇي سان ڊنر ڪيوسين جيڪا بيحد لذيذ هئي ۽ رات جو دير تائين مال روڊ بازار گهمندا ڪيڏي مهل الله والا چؤنڪ تي ته ڪيڏي مهل جي پي او چؤنڪ جي ڏاڪن تي ويهي موسم ۽ ايندڙ ويندڙ الله پاڪ جي مخلوق جو ديدار پئي ڪيوسين ۽ ائين رات جا 12 ٿي ويا ۽ اسان سڀ دوست هوٽل تي اچي سمهي پياسين جيئن ڪوه مري ۾ خاص طور ٽي مهينه جون جولاء آگسٽ سنڌ جا ماڻھو وڏي تعداد ۾ هتي گرمي گهڻي سبب گهمڻ ويندا آھن انڪري تقريبن 50 سيڪڙو کان مٿي اوهان کي سنڌ مان ايندڙ فيمليز نظر اينديون هتي رهڻ لاء هوٽلن ۾ ڪمرا وٺڻ وقت ھوٽل انتظاميه سان بارگيننگ ضرور ڪجي ڇوته رش گهڻي هجڻ سبب هتي پهريان هوٽل جو ڪرايو تمام گهڻو ٻڌايو ويندو آھي انڪري ڪجھ هوٽلون گهمي ڦري پوء ڪراين کي گهٽ ڪرائي سگهجي ٿو جيئن اسان کي پهريان هڪ ڪمري جو 12 هزارن کان به مٿي هڪ رات جو ڪرايو ٻڌايو ويو پر اسان کوڙ هوٽلون گهمي ڦري آخر ۾ ساڍا پنج هزار روپين ۾ هڪ وڏو سوويٽ روم جنهن ۾ سڀ دوست سمهي سگهياسين پئي اهو ورتوسين اسان وٽ ته ڪارون هيون پر اگر ڪو اوهان ڪار کان بغير ڪنهن ٻئي ذريعي سان هتي اچو ٿا ۽ مري جي ڀرسان جون مشھور جايون جيئن نيو مري پترياٽه,نٿيا گلي,ايوبيه وغيره گهمڻ چاهيو ٿا ته روزانه صبح جو سويري جي پي او چؤنڪ مال روڊ مري وٽ کوڙ وڏي تعداد ۾ گاڏيون اچي بيهنديون آھن اوهان انهن سان هوٽلن وانگر پڪائي ڪري سستي ڪرائي تي گهمڻ جي لاء هرقسم جي گاڏي ڪرائي سگهو ٿا جيڪا اوهان کي اهي جايون گهمائي شام جو واپس مال روڊ مري وٽ ڇڏي وينديون
رات جو مري جي هوٽل ۾ رهي صبح سويري اسان مري مان ناشتو ڪري ناران جي لاء نڪري پياسين ناران وڃڻ جي لاء اسان ايبٽ آباد ويندڙ رستو ورتو جيڪو ايبٽ آباد کان ٿيندو مانسهره شھر تائين سي پيڪ وارو روڊ هيو جتان انٽر چينج وٽان 500 روپيا ٽول ٽيڪس ڀري مانسهره شھر پهتاسين ڇاڪاڻ ته اهو رستو اگر سڌو وٺجي هان ته اهو اتان کان گلگت خنجراب پاڪ چين سرحد تائين ويو پئي جنهن جي رستي تي داسو ڊيم به اچي ٿو پر جيئن ته اسان کي ناران تائين وڃڻو هيو سو مانسهره شھر کان ٻيو رستو جيڪو ايترو ڀلو ٺھيل نه هيو هختلف هنڌن تان رستو خراب هيو اهو وٺي اسان رات جو 8 وڳي ڌاري برسات وسندي ناران جي ٿڌي وادي ۾ پهچي وياسين جيئن ته ناران ۾ موبائيل سروس ڪم نه پئي انڪري اسان ٻن ڪارن وارا هڪٻئي کان اڳتي پوئتي ٿي وياسين اسان پهريان پهتاسين ٻيا دوست پوئتي رهجي ويا پر رابطو نه ٿي سگهڻ ڪري اسان پاڻ ئي هوٽلون گهمي هوٽلن جا ڪرايا معلوم ڪيا ان دوران برسات به جاري رهي مختلف هوٽل وارن سان بارگيننگ ڪئي سين ته ٻي سنگت به پهچي وئي ۽ ائين اسان گڏجي ناران ۾ به وڏو سوويٽ روم ٻن راتين جي لاء 10 هزار روپين ۾ ورتو ۽ سامان رکي فريش ٿي ناران گهمڻ نڪتاسين ناران وادي جيڪا اڳ ئي ٿڌي وري برسات سبب ٿڌڪار وڌي وئي ۽ اسان گرمي جا ماريل سنڌي ماڻھو نڪري پياسين ناران گهمڻ ناران ۾ به مري وانگر خوبصورت بازارون وڏا وڏا دڪان هوٽلون هيون اتي به گهمندي اهو اندازو ٿيو ته هتي به سنڌ جا ماڻھو گهڻا آھن ناران جي روڊ تي هلڪي هلڪي برسات وسندي ٿڌ سبب گرم گرم ڪافي پي رهيا هياسين ته ڀرياروڊ جا دڪاندار دوست اقبال مهر وارا به مليا جن سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي اهي به هتي گهمڻ رب پاڪ جا عجيب نظاره ڏسڻ واسطي آيا هيا پروفيسر قاسم علي ڀٽي هڪ گرم جيڪيٽ ورتو ناران واري پاسي هڪ پهاڙ مان نڪتل جڙي ٻوٽي ”سلاجيت“عام جام هر دڪان ۽ ڦوٽ پاٿ تي ويٺلن وٽان ملي پئي ۽ اهي ان جون وڏيون وڏيون خوبيون مختلف مرضن جي علاج لاء بهترين ٻوٽي چئي رهيا هيا ائين اسان ناران گهمي رات جو دير سان هوٽل تي اچي سمهي پياسين ۽ وري صبح جو سويري اٿي ناران ۾ لاهور هوٽل تي ناشتو ڪري هڪ جيپ جنهن ۾ اٺ ماڻھو ويهي سگهن پيا اها 8 هزار روپين ۾ ڪرائي تي ڪئيسين ۽ ڊرائيورن کي هوٽل تي ڇڏي اسان اٺ ڄڻا ان جيپ تي چڙهي پهريان ”سيف الملوڪ“جهيل وياسين جيڪو پورو رستو جبلن مان ٺھيل هڪ تمام ايڊوينچر ٽائپ رستو هيو ان رستي تي مختلف جاين تي برف جا گليشيئر به نظر آيا ڪلاڪ کن سيف الملوڪ جهيل تائين لڳو سيف الملوڪ جهيل جنهن جي مٿان ”ملڪا پربت“جبل جي چوٽي آھي جتي هر وقت برف پوندي آھي ۽ جيڪا برف ۽ پاڻي هيٺ لهي سيف الملوڪ جهيل جيڪا چؤڌاري جبل جي وچ ۾ واقع آھي اتي اچي پوندو آھي ۽ سڀ سرسبز ساوڪ سان ڀرپور سائي چادر وانگر سان ڍڪيل نظر آيا ان سيف الموڪ جهيل بابت ڏند ڪٿائون آھن ته اتي اڳئي دؤر ۾ پريون اچي شنان ڪنديون هيون اسان کي اهي پريون ته نظر نه آيون باقي هن دؤر جون انتهائي خوبصورت سهڻيون پريون بلڪل تمام گهڻي تعداد ۾ جيڪي گهمن ڦرن پيون اهي نظر آيون ۽ اسان اتي گهوڙي تي چڙهي پاڻي ۾ هٿ وجهي مختلف نمونن سان وڊيون ۽ تصويرون به ٺاهيون سين سڀني دوستن اتي خوب انجوائي ڪيو ۽ واپس وري ان ئي جيپ ۾ ناران پهچي وياسين ۽ اتان ئي ٻئي پاسي کان سي پيڪ روڊ ٺھيل هيو جيڪو ناران کان بابوسر ٽاپ ۽ وري اتان چلاس گلگت خنجراب پاڪ چين سرحد تائين هيو پرجيئن ته اسان کي ته بابو سر ٽاپ تائين وڃڻو هيو ان رستي بابو سر ٽاپ ويندي رستي تي هڪ هوٽل مون هوٽل تي ويهي چانھ پيتيسين ۽ جمع جو ڏهاڙو هجڻ ڪري ڪجھ دوستن نماز جمع به پڙهي ۽ وري اڳتي هلياسين ته موسم صفا خراب ٿي وئي ۽ تيز برسات شروع ٿي وئي اسان پهريان جيپ جا پردا کولرائي ڇڏيا هيا پر تيز برسات سبب اهي پردا وري ڏياري جيپ کي بند ڪرائي ڇڏيو ۽ بابوس ٽاپ تائين بارش وسندي رهي اتي به لهندي برسات هلي رهي هئي برسات ۽ تيز ٿڌي هوا جي ڪري اسان صفا ٿڌ ۾ وڪڙجي وياسين جنهن کي جيڪي به لوئي,اجرڪ,جيڪيٽ وغيره هيا اهي انهن ٿڌ کان بچاء جي لاء استعمال ڪيا ۽ اتي ٺهيل ننڍن هٽس ۾ ويهي گرم گرم بوائل بيدا پڪوڙا کائي ۽ ڪافي چانهيون پيتيوسين اتي هڪ جاء تي وڏو پٿر لڳل آھي جتي لکيل آھي بابو سر ٽاپ 13700 فوٽ بلندي ۽ ان پٿر تي نقشو ٺھيل آھي ته اڳتي آس پاس ڪهڙا ڪهڙا علائقا آھن ان جاء تي هرهڪ تصويرون ۽ سيلفيون ڪڍن پيا اسان به اتي ان نيت سان وياسين ته هڪ پاسي کان ڪنهن منهنجو نالو وٺي سڏڻ شروع ڪيو ته مون هيڏي هوڏي ڪنايو ته شايد منهنجي سنگت مان ڪو دوست مون کي سڏي ٿو پر اهي ته سڀ منهنجي ڀرسان بيٺا هيا ته ڏٺوسين ته ڪجھ نوجوان ڇوڪرا ويجهو آيا ۽ ڀاڪرين پئجي ويا ۽ چيائون ته اسان ڦل ڀرسان مينگهلو جا رهواسي آھيون ۽ اوهان کي ماجد کي سڄاڻون ٿا اسان به هتي گهمڻ آيا آھيون پوء ته انهن سان تصويرون سيلفيون ٿيون ۽ انهن سان ملي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي بابوسر ٽاپ تي برسات ختم ٿي ته اتي هڪ رنگ برنگي انڊلٺ ٺھي وئي جيڪا اسان کي پاڻ کان هيٺ محسوس پئي ٿي ڇوته اسان  سطح سمنڊ کان 13700 فوٽ ٿي بيٺا هياسين رنگ برنگي انڊلٽ هيٺ ۽ ويجهي کان اڃان خوبصورتي جو نظارو پيش ڪري رهي هئي بابوسرٽاپ گهمي واپسي ۾ مختلف جاين تي برف جي گليشيئرس ۽ جبل مان نڪرندڙ آبشارن وٽ بيهي خدا جي قدرت جا نظاره ڏٺاسين هڪ ”لالو سر جهيل“به رستي ۾ هئي ان جو به ديدار ڪيوسين جتي پڻ هن دؤر جون خوبصورت پريون گهمندي ڏٺيوسين ۽ گهمندي گهمندي رات جو سج لٿي کان پوء واپس ناران پهچي هوٽل تي ٿڪ ڀڃي وري ناران گهمڻ نڪتاسين رات جي ماني کائي ڪافي دير تائين ناران جا نظاره ڏسي واپس هوٽل تي اچي سمهي پياسين ۽ ٻئي ڏينهن صبح سويري خوبصورت ناران وادي کي الوداع ڪري هوٽل تي ناشتو ڪري واپسي لاء نڪري پياسين ۽ ساڳيو رستو مانسهره شھر کان سي پيڪ روڊ وارو روٽ وٺي اتان اسلام آباد لاهور واري رستي کان سفر شروع ڪيوسين جنهن رستي تي ٻن جاين تي پاڪ چين دوستي نالي واريون ٺھيل خوبصورت ٻه سرنگون(ٽنل) جو به ديدار نصيب ٿيو ائين رستي تي شام جي چانھ پيئڻ جي ارادي سان بهيرا شھر ۾ لهي پيئڻ جو پروگرام ٺھيو پر الائي ڪيئن اسان کي بهيرا شھر وارو انٽر چينج نظر نه آيو انڪري اسان سرگودها ڀرسان سيال موڙ وٽ لهي وڃي هڪ هوٽل تي چانھ پيتيسين ۽ پڪوڙا کاڌاسين جڏهن ته باقي ٻي ڪار واري سنگت کي بهيرا ۾ چانھ نصيب ٿي سيال موڙ تي چانھ پي رات جو لاهور پهتاسين ۽ داتا دربار ڀرسان هڪ هوٽل ۾ ٻه اي سي ڪمرا وٺي رات جي ماني هڪ هوٽل تي کائي مٿان لسي جا وڏا گلاس ۽ مائي واري ملائي جا پيالا کائي اچي سمهي پياسين جيئن ته ڪورونا وائرس سبب درگاهون بند هيون.

Photo by writer

انڪري داتا دربار لاء انهن چيو ته فجر واري نماز تي نماز واري ٽائيم کلندي آھي ڪو وڃڻ چاهي ته ان ٽائيم وڃي سگهي ٿو انڪري ڪجھ دوست فجر واري نماز تي داتا درٻار جي حاضري ڀري سڀني جي لاء دعائون گهري آيا ۽ صبح جو سويري ئي هوٽل ڇڏي سڌو بادشاهي قلعي ڀرسان هڪ مشھور پاون واري دڪان تي پاون جي ڀاڄي سان ناشتو ڪيوسين بعد ۾ بادشاهي قلعو,بادشاهي مسجد,شاعر مشرق علامه اقبال جي مزار تي چار قل پڙهي مينار پاڪستان گهميوسين اڃان به لاهور شھر گهمڻ جو ارادو هيو پر لاهور جي سخت گهٽ ۽ حبس واري گرمي سڀني دوستن کي صفا بيحال ڪري ڇڏيو ۽ انڪري لاهور مان نڪري سڌو ملتان طرف رخ ڪيوسين ملتان ويندي رستي تي هڪ شهر نالي عبدالحڪيم وٽ ريسٽورينٽ تي چانھ جي ٻاڙ پوري ڪئيسين ۽ شام ڌاري اوليائن جي شھر ملتان پهچي
درويشن غؤث بهاؤالدين ذڪريا ۽ شاه رڪن عالم جو ديدار ڪري شاهد ملڪ جي هڪ مائٽ سان ملتان شھر گهميوسين ۽ اتان ڪجھ خريداري به ڪيئيسين ملتان جو مشھور سوهن حلووه جو اصل دڪان به ڏٺوسين ۽ اتان خريداري به ڪئيسين ملتان شھر جون بازارون تمام بهترين خريدارن سان ڀريل نظر آيون ۽ ائين رات جو ئي اتان نڪري پياسين ۽ رات جو دير سان گهوٽڪي شھر ۾ پنهنجي پيارن دوستن ٽائيم نيوز چينل ۽ پنهنجي اخبار جي ضلع گهوٽڪي جي رپورٽر پياري ماجد سنگهڙ ۽ پياري دلربا شخصيت جي مالڪ استاد ممتاز علي سومرو وٽ پهتاسين ته اسان جي ڀاڳن ۾ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز چينل جي رات واري شفٽ جو انچارج محنتي جاکوڙي ڀلوڙ انسان پيارو صدام ڪولاچي جيڪو پڻ گهوٽڪي جو آھي اهو به اتي ملي ويو پوء ڪچھرو مچي وئي. دنيا جهان جي حال احوالن سان گڏ رات جي ماني گڏجي کاڌيسين ۽ ماني کائي پراڻو روڊ نيشنل هاء وي وٺي سڌو اچي 4 بجي ڪنڊيارو جي هڪ هوٽل تي چانھ پيتيسين ۽ ائين سنگت کي ڀريا ۽ نوشھروفيروز ۾ لاهي صبح جو سويري 5 وڳي پنهنجي جنم ڀومي ڦل شھر پهچي وياسين هي سفر سڀني دوستن جي تمام بهترين رويئي ۽ ساٿ سان هڪ يادگار سفر بنجي ويو هرهڪ دوست خاص طور اسان جا سڀئي پروفيسر صاحبان انتهائي ڪوآپريٽو رهيا جڏهن ته اسان جي شھر جو مشھور درزي پيارو دوست شاهد ملڪ به هروقت هرهنڌ کل ڀوڳ مذاق ڪري کلايو ۽ سچ پڇو ته سڀني جي هن دل سان خدمت به ڪئي صحافي دوست مجيب الرحمان وڳڻ ۽ ماجد علي ميمڻ به سفر کي يادگار بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو انڪري مان هن سفر کي هڪ ڪامياب ۽ يادگار سفر چوان ته غلط نه ٿيندو. هن سفر ۾ اسان جي هڪ ڪار ۾ ٻنهين پاسن لاء ٽوٽل 33 هزار روپين جو پئٽرول پيو جڏهن ته ٻنهين پاسي ٽول ٽئڪس ٽوٽل لڳ ڀڳ 5 هزار روپيا ادا ڪيوسين ۽ اسان چئن ڄڻن جنهن ۾ ڊرائيور به شامل آھي هرهڪ جو ساڍا 22 هزار روپيا خرچ آيو باقي جنهن به انفرادي جيڪا به خريداري ڪئي اها سڀني جي الڳ هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو