سنڌ ڊِووٽرز فورم پاران گڏيل جدوجهد تي اتفاق

نوشھرو فيروز  (رپورٽ منظور ملڪ) سنڌ ڊووٽرس فورم جو اجلاس چيئرمين ڪامريڊ مسرور چانڊيو جي صدارت ۾ ٿي گذريو . اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته  سنڌ جي سڀني مسئلن تي هلندڙ  محب وطن سيڪيولر سوچ رکندڙ ڌرين سان گڏ جي جدوجهد جاري رکجي خصوصن سنڌ پروگر يسو ڪاميٽي جي جدوجهد جي حمايت ڪئي وئي اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته مٺياڻي کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاء هڪ جدوجهد ڪاميٽي ڀورل خان ڀٽي جي اڳواڻي ۾ سيد ذاڪر حسين شاه  مجاهد سولنگي تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي وئي انهي کان علاوه اجلاس ۾ محبوب ملاح کي تنظيم جو پريس ترجمان مقرر ڪيو ويو راهب خان پنهور کي خزانچي جون سرگرميو سر انجام ڏيڻ لاء مقرر ڪيو ويو اجلاس ۾ ٻين کان علاوه سيد گدا حسين شاه عبدالڪبير  پنهور ۽ ٻين شرڪت ڪئي هن موقعي تي مسرور چانڊيو خطاب ڪندي چيو ت سياسي اٿل پٿل جي ڪري سياسي صورتحال خطرناڪ ٿي وئي آھي خوصوصن افغانستان  صورتحال جي ڪري سنڌ ۾ ڌاري آباد ڪاري جي ڪري خطرا وڌي ويا آھن ان لاء سڀني محب وطن ماڻهن کي مقابلو ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو