سنڌ پوليس ۾ بحران،آءِ جي ۽ سينئرآفيسرن جي موڪل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي آءِ جي کي مبينه طور اغوا ڪري يرغمال بڻائي ڪيپٽن (ر) صفدر جي گرفتاري جو حڪم جاري ڪرائڻ بعد سنڌ پوليس ۾ بحران پيدا ٿي پيو آهي. آءِ جي سنڌ سميت اڪثر سينئر آفيسرن موڪل جون درخواستون ڏئي ڇڏيو آهن. آءِ جي سنڌ مشتاق مهر، ايديشنل آءِ جي غلام النبي ميمڻ، ڊي آءِ جي يعقوب منهاس سميت سينئر پوليس آفيسرن جو چون آهي ته پوليس فورس جي ڪمانڊر کي اغوا ڪرڻ سان پوليس فورس جو مورال ڊائون ٿي ويو آهي،

اسين اهڙي صورتحال ۾ ڊيوتي نٿا ڪري سگهون. ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ عمران يعقوب ٻن مهينن جي موڪل لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي، سندس لکيل درخواست ۾ ڄاڻايل آهي ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري واري معاملي تي جهڙي نموني ”پوليس جي هاءِ ڪمان جي تذليل ڪئي وئي” تنهن .سان هو سخت صدمي ۾ آهي-پوليس جي هاءِ ڪمان جي تذليل ڪنهن ڪئي ۽ اهڙو ڇا ٿيو هو جنهن تي ڪک رکيا پيا وڃن؟ هي معاملو هاڻ ڳنڀير ٿيندو پيو وڃي!

پهنجو تبصرو موڪليو